بلڙي شاهه ڪريم ۾ پورهيت نوجوان پراسرار طور فوت

بلڙي شاهه ڪريم (ن ع آ) بلڙي شاھ ڪريم جھوڪ شريف روڊ تي ڳوٺ عثمان پنھور اسٽاپ تي قائم خان رائيس مل بلڙي شاھ ڪريم  ۾ پورھيو ڪندڙ سن واسي اعجاز علي ولد ابراهيم خاصخيلي پر اسرار نموني فوت ٿي ويو آهي ان سلسلي۾ مل مالڪ عباس انڙ واقعي جي اطلاع تي پھتل صحافين ۽ ايس ايڇ او بلڙي شاھ ڪريم کي ٻڌايو ته نوجوان رازن سان گڏ ڪم ڪري رهيو هو بيھوش ٿيڻ تي کيس بلڙي شاھ ڪريم ۾ ڊاڪٽر بشير ميمڻ جي نجي ڪلينڪ تي پھچايو ويو جنھن سندس موت جي جي تصديق ڪئي جنھن کان پوءِ پوليس توڙي صحافين پاران جھوڪ شريف۾ ابراهيم خاصخيلي جي عارضي رھائش واري گھر پھچي تفصيل ورتا جنهن چيو ته اسان جي ڪنھن سان بہ دشمني نه آهي  نوجوان پٽ اعجاز علي صبح ڪم تي ويو ھو ۽ فوت ٿي ويو آهي فوتيء جو پيء ابراھيم ۽ وڏو ڀاءُ مجاھد خاصخيلي لاش سن کڻائي روانا ٿي ويا آهن جتي سندس تدفين ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.