سلطان ڪوٽ لڳ حادثي ۾ چنگچي ڊرائيور فوت

سلطان ڪوٽ (ن ع آ) لوڊرا ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه روڊ تي 16 مورين وٽ تيز رفتار چنگچي ٽائر نڪرڻ سبب کاهي ۾ ڪلٽي  ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ سهڻو فقير گورشاڻي جو رهواسي 40 ورهين جو پورهيت پرويز عرف ڌاڙيل پٽ مزار گورشاڻي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي لوڊرا ٿاڻي جي پوليس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال سلطان ڪوٽ کڻائي پهتي، پر نوجوان جي حالت خراب هئڻ سبب ڊاڪٽرن کيس لاڙڪاڻي جي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو هو، جنهن دوران سورن جي سٽ نه سهندي نوجوان پرويز عرف ڌاڙيل گورشاڻي رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن جي فوتگي جي تصديق سول اسپتال لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن ڪري ڇڏي جنهن بعد حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جو لاش همايون شريف لڳ ڳوٺ سهڻو فقير گورشاڻي ۾ آندو ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل نوجوان پرويز عرف ڌاڙيل گورشاڻي جي جنازي نماز ڳوٺ سهڻو فقير ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس جي تدفين سوين آلين اکين سان اباڻي ڳوٺ حاجي نور احمد گورشاڻي ۾ ڪئي وئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.