تنگواڻي/غوثپور (نمائندا)غوثپور تنگواڻي لنڪ روڊ تنگواني تي ڳوٺ اسحاق باجڪاڻي ۾ شادي جي خوشي ۾ ڪيل فائيرنگ ۾ اوچتو گولي لڳڻ سبب عورت مائي حليمان فوت ۽ هڪ ڄڻُو سخت زخمي۔ نازڪ حالت ۾ سکر منتقل۔۔ جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ محمد اسحاق باجڪاڻي ۾ شادي جي ڪاڄ ۾ گھر ڀاتين پاران خوشي ۾ ڪيل فائيرنگ ۾ اوچتو رول گولي لڳڻ سبب پنجاھ ورھين جي مائي مسمات حليمان زال نياز محمد باجڪاڻي فوت ٿي وئي. ۽ نوجوان حاڪم باجڪاڻي سخت زخمي ٿي پيو۔ زخمي کي نازڪ حالت ۾ سکر جي نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ منتقل ڪيو ويو۔.