ڇاڇري لڳ نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

ڇاڇرو (ت ر) ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ڀار مل جو تڙ جي ڀرسان جھنگ ۾ 16 سالن جي نوجوان منيش پٽ رتن مل ميگهواڙ جو وڻ ۾  ٽنگيل لاش هٿ آيو ڳوٺاڻن جي اطلاعن تي ڇاڇرو جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش وڻ کان هيٺ لاهي ڇاڇرو جي سرڪاري اسپتال آندو جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن تہ نوجوان جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن پوليس کي ٻڌايو ته نوجوان مرگهي جي مرض ۾ مبتلا هو سندس ذهني توازن درست نه هو جنهن سبب خودڪشي ڪئي آهي، جڏهن تہ ڇاڇرو پوليس جو چوڻ آهي تہ ڳوٺ ڇاڇرو پوليس جي حد ۾ اچي ٿو ۽ جھنگ ۾ جنهن هنڌ نوجوان خودڪشي ڪئي هي حد عمرڪوٽ پوليس جي آهي وڌيڪ پوليس حد ڪلير ٿيڻ بعد جانچ اڳتي وڌائي ويندي ابتدائي جانچ موجب نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.