ڪي اين شاهه ۾ ڪوچ جو موٽر سائيڪل سان ٽڪر، عورت فوت

خيرپورناٿن شاھ ( ن ع آ ) خيرپورناٿن شاھ جي باءِ  پاس لڳ ڪنڊيچکي لنڪ روڊ ساهمون انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ڪوچ موٽر  سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪوچ ڀڄائي فرار ٿي ويو  ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳوٺ بيد شريف جا رهواسي زال مڙس 50 ورهين جي مسمات زبيده لغاري ۽ سندس مڙس روشن لغاري روڊ تي تڙپي رهيا هيا ته هوٽل تي ويٺل ماڻھن زخمي ٿيل زال مڙس کي تعلقا اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽر زخمي ٿيل پيرسن عورت مسمات زبيده لغاري جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ تي کيس لاڙڪاڻي اسپتال رفر ڪري ڇڏيو جڏھن ته سندس زخمي ٿيل مڙس کي تعلقا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو زخمي ٿيل پيرسن عورت لاڙڪاڻي نيندي رستي تي زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي وئي عورت جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي قهرام مچي ويو جڏھن ته ڊرائيور  ڪوچ کي ڀڄائي فرار ٿي ويو هوڏانهن خيرپورناٿن شاھ پوليس ڪوچ ڊرائيور کي گرفتار ڪري نه سگهي نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.