دبئي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان دوست هٿان دوست قتل

خانپورمهر (ن ع آ)خانپور مهر ويجهو ڳوٺ ساٿي مهر واسي نوجوان آدم  پٽ محمد بخش مهر دبئي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان  مبينا طور پنهنجي ئي دوست هٿان  قتل ٿي ويو آهي، ان حوالي دبئي ۾ مبينا طور قتل ٿي ويل نوجوان جي سئوٽ علي احمد مھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان 3 سال اڳ روزگار سانگي دبئي ويو جنهن بابت اطلاع مليو ته هن کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن جي لاش جي واپسي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، وارث ڪراچي روانا ٿي ويا آهن، دبئي پوليس نوجوان آدم مهر جي قتل الزام ۾ سندس دوست اربيلو راڄڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي  ذريعن موجب  ته دبئي ۾ مقتول نوجوان آدم ۽ جوابداراربيلو ٻئي  مزدوري ڪندا هئا جتي ساڻن پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿي پيو، ذريعن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته دبئي ۾ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، مقتول جا وارث لاش جي واپسي لاءِ ڪراچي روانا ٿي ويا، جڏهن ته مقتول جي گهر ۾ روڄ راڙو پڻ متل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.