چونڪو لڳ درويش صفت همراهه فوت، سڃاڻپ نه ٿي

نارو ( رپورٽ: عاشق سهتو )  چونڊڪو ڀرسان سڪندر آباد لڳ ڪنڊڙي اسٽاپ تي هڪ درويش صفت انسان رهندو هو جيڪو رات  دير سان فوت ٿي ويو آھي، ڳوٺاڻن سوراهه ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڏنو جنهن بعد سوراهه پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي،پوليس جو چوڻ آھي ته پيرسن جو ڪو به وارث نه آھي ڳوٺاڻن جي مدد سان پيرسن جو لاش لاوارث ڪري انهيءَ جڳھه تي ويجهي قبرستان ۾ دفنايو ويندو جڏهن ته علائقي واسين جو چوڻ آھي ته هي پيرسن گهڻي وقت کان وٺي هڪ کبڙ جي وڻ هيٺان رهندو هو ۽ ڪنهن سان به ڳالهائيندو نه هيو جيڪو هن وقت فوت ٿي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.