ڊکڻ ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٿيل تڪرار نبيريو، ڌرين کير کنڊ

ڊکڻ ( ن ع آ) ڊکڻ ۾ پلاٽ جي مالڪي تان سردار نجف ڪماريو،واپاري اڪبر سانگهرو ۽ واجد جتوئي وچ ۾ هلندڙ تڪرار  وارو مامرو،مسئلي جي حل لاءِ   مختلف سياسي اڳواڻن جي گڏجاڻي،اي سي ڳڙهي ياسين جي نگراني ۾ روينيو عملدارن پاران  تڪراري پلاٽ جي ماپ ڪئي وئي،روينيو عملدارن موجب پلاٽ واري ايراضي زميندار منور عيساڻي جي  ڊڪليئر، رپورٽ تيار،لکت ۾ سڀاڻي جاري ڪئي ويندي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون ،خبر موجب ڊکڻ ۾ بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ پلاٽ جي مالڪي تان سردار نجف علي ڪماريو،واپاري اڪبر سانگهرو ۽ واجد جتوئي وچ ۾ هلندڙ تڪرار واري مامرو،تڪرار جي نبيري لاءِ پ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال، ذوالفقار علي ڪماريو،جي ڊي اي ايم پي اي معظم عباسي، اڳوڻي صوبائي وزير عابد حسين جتوئي تي مشتمل هڪ گڏجاڻي سيال هائوس ڊکڻ تي ٿي گذري،جنهن بعد زميندار منور عيساڻي پاران وڪرو ڪيل تڪراري پلاٽ جي اي سي ڳڙهي ياسين مسروراحمد بجاراڻي  جي نگراني ۾ روينيو عملدارن پاران نقشن جي آڌار تي ماپ ڪئي وئي، جنهن ۾ روينيو عملدارن موجب پلاٽ سميت سروي نمبر 520 واري ايراضي زميندار منور عيساڻي جي5 اڪڙ 7 گهنٽا ملڪيت قرار ڏئي ڇڏي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙهي ياسين مسرور احمد  بجاراڻي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڌرين جي رضامندي سان روينيو عملدارن جي ٽيڪنيڪل طريقي سان  ماپ ڪئي وئي،جنهن ۾ سروي نمبر 520 واري ايراضي 5 ايڪڙ 7 گهنٽا ڊڪليئر ٿي وئي آهي،جنهن جي ڊڪليئر رپورٽ هتي ئي تيار ڪئي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.