چڪ لڳ ڪارنهن جو جرڳو، سڱ چٽي ۽ 15 لک ڏنڊ

لکي غلام شاھ (رپورٽ: نديم جان مهر) چار ڏينهن اڳ چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهر پنهنجا مان ڪارنهن الزام جو جرڳو ڪري الزام   هيٺ آيل نوجوان علي حسن پٽ علي گل ڪرسي جتوئي مٿان 15 لک ڏنڊ ۽ سنڱ چٽي مقرر ڪرڻ واري مامري جو ايس ايس پي شڪارپور ڪامران نواز پنجوٿا پاران نوٽيس وٺڻ بعد چڪ پوليس جرڳائي چڱي مڙس ميول خان ڪرسي کي ڀاء سميت گرفتار ڪري ورتو ۽ ٻئي ڏينهن ڪاروائي ڪري سنڱ چٽي طور زبردستي پرڻايل ناري عائشه ڌي علي گل جتوئي کي هٿ ڪري وومين سيل حوالي ڪري ڇڏيو آھي . .جڏھن ته چڪ پوليس اي ايس آء ذوالفقار ڪلهوڙو جي فرياد تي  گناھ نمبر 02/2021 تحت جرڳائي چڱي مڙس کانسواء 13 ڄڻن مٿان جرڳو ڪري سنڱ چٽي ڏيڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي ڪيس ۾ 8 ڄڻن جا نالا ۽ 5 نامعلوم جوابدار ڄاڻايل آھن جنهن ۾ سنڱ چٽي ڏنل ناري جو پيء علي گل ڪرسي جتوئي، گهوٽ عبدالقادر عرف قادرو ، دلي جان، علي جان، منظور  ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو .ايس ايڇ او چڪ سنڱ چٽي ۾ ڏنل ناري عائشه جي والد علي گل جتوئي کي ڌي سان ملائڻ بهاني گهرائي لاڪپ ڪري ڇڏيو .جڏھن ته وومين سيل شڪارپور حوالي ڪيل ناري کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.