لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ڪتن 16 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ رولو ڪتن 10 ٻارن سميت 16 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جن ۾ 2 سالن جو  صديق اڪبر پٽ گل حسن، 5 سالن جو مراد پٽ سعيد، 8 سالن جو امين پٽ عبدالستار، 8 سالن جو عيان علي پٽ هزار علي، 8 سالن جو ساجن پٽ غلام رسول، 10 سالن جو محمد علي پٽ نظير علي، 11 سالن جو عبدالقيوم پٽ سعيد، 12 سالن جي عابده ڌيءَ زنگي خان، 12 سالن جو زين پٽ غلام رسول، 12 سالن جو محرم علي پٽ احمد علي، 12 سالن جو غلام عباس پٽ مشتاق احمد، 16 سالن جو اظهر پٽ غلام علي، 29 سالن جو غلام شبير پٽ روشن علي، 43 سالن جو مجاهد پٽ محمد اسماعيل، 50 سالن جو ميوو خان پٽ رضا محمد ۽ 58 سالن جو عبدالڪريم پٽ شاهه محمد شامل آهن جن کي سندن وارثن ڌار ڌار زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو. سينٽر انتظاميه موجب سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.