احمدپور واسي پيرسن تي تشدد، اي ايس آءِ خلاف احتجاج

خيرپور ( ڊ ر ) احمدپور جي ڳوٺ تڳيل جي رهواسي پيرسن ورندمل اوڏ پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي 5 ويسا زمين احمد پور شهر  ۾ آهي جنهن جي آڏاوت ڪري رهيو هيس ته اي ايس آءِ رمضان شيخ چيو ته    احمد پور واري گهر مان رستو ڏئي رستو نه ڏيڻ تان مون تي تشدد ڪري رتوت ڪري ڇڏيو هو ،اهڙي واقعي جي اين سي حد جي ٿاڻي احمد پور  تي داخل ڪرائي آهي پر احمد پور پوليس سندس پٽي ڀائي جي رمضان شيخ سان  ٻٽ بڻيل آهي ۽ ڪوبه ايڪشن کڻن لاءِ تيار نه آهي، هنن چيو ته اڳ ۾ به 150 فٽ تي اي ايس آءِ منهنجي جي زمين تي  قبضو  ڪري ويهي رهيو هو ، هن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اي ايس آءِ رمضان شيخ خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مونکي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ڪشمور۾ عورن تي تشدد ڪندڙ ٻن جوابدارن کي سزا

ڪشمور( ڊر ) ڪشمور جي ماڊل ڪورٽ جي فرسٽ سول جج عبدالوحيد عباسي جي عدالت گھر ۾ داخل ٿي عورتن مٿان تشدد ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 2 جوابدارن خادم حسين ڌوئا ۽ محمد علي ڌوئا کي 3، 3 سال قيد 10 ھزار رپيا ڏنڊ ۽ 15 ھزار زخمي ٿيلن کي ڀري ڏيڻ جو فيصلو ٻڌائيندي جيل حوالي ڪيو ويو سزا ھيٺ آيل جوابدارن ڪجهه وقت اڳ مسمات ڪونجان کوکر جي گهر ۾ داخل ٿي عورتن مٿان سخت تشدد ڪيو ھو جنھن بعد فريادڻ مسمات ڪونجان کوکر ڪشمور تعلقہ بار جي سينيئر وڪيل ميران بخش سومرو معرفت ماڊل ڪورٽ جي جج وٽ ڪيس داخل ڪيو ھو جنھن بعد فرسٽ سول جج عبدالوحيد عباسي جي عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ٻنهي جوابدارن کي ڪورٽ مان گرفتار ڪرڻ بعد شڪارپور جيل حوالي ڪيو ويو.

لکي غلام شاهه ۾ دوائون چوري معاملو، ڊرائيور گرفتار

لکي غلام شاھ (ت ر)لکي سول اسپتال مان چوري ٿيل لکين روپين جي دوائن وارو مامرو،لکي پوليس چوڪيدار جي گرفتاري بعد ايمبولنس ڊرائيور کي به گرفتار ڪري ورتو،جاچ هلندڙ چوري واپس نه ٿي،(تفصيل موجب)لکي غلام شاھ سول اسپتال جي اسٽور مان ڪجھ ڏينهن پهريان رات جو تالا ٽوڙي لکين روپين جون چوري ٿيل دوائن واري مامري ۾ گرفتار ٿيل چوڪيدار بعد پوليس سول اسپتال جي ايمبولنس ڊرائيور عمر قالوني واسي رجب مهر کي به گرفتار ڪري ورتو آهي،رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او لکي صالح سولنگي ٻڌايو ته سول اسپتال مان ٿيل وارڌات ۾ ڪجھ اڳڀرائي ٿي آهي جلد اصل چورن تائين پهچي ٿيل چوري واپس ڪرائي ويندي.

لعلو رائنڪ ۾ پوليس جي ڪارروائي، روپوش سوگهو

لعلورائنڪ (رپورٽر بدرالدين مغيري ) ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ جي حڪم تي وڳڻ پوليس ڳجھي اطلاع تي گٺ شاخ وٽ ڪاروائي  دوران روپوش  جوابدار علي جان پٽ علي اڪبر بليدي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته  جوابدار ڳوٺ ملوڪ بليدي جو رھواسي آهي جنهن مٿان وڳڻ ٿاڻي ۾ گناھ نمبر 41 /2017 قلم 506/2 .337fi .148.149 داخل آهن  ان سلسلي ۾ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنا ٻڌايو ته ضلعي ۾ روپوش ۽ اشتهاري ڏوھارين خلاف ڪاروائين جو سلسلو جاري آهي ڪنهن به اشتهاري ڏوھاري کي ھرگز بخش نه ڪيو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته سماجي برائين خلاف پڻ سخت قدم کڻي رھيا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.