فريد آباد ۾ کنڀي گم ڪيل ٻن ڀائرن جي آزادي لاءِ ڪيل بک هڙتال ختم

فريدآباد  ( رپورٽ: معشوق چانڊيو ) فريدآباد ۾ ٻن ڀائرن امتياز خاصخيلي رياض خاصخيلي جي جبري گمشدگي خلاف وارثن حاجي خان خاصخيلي ـ عمر خاصخيلي اسد خاصخيلي راجا مزمل خاصخيلي  جي اڳواڻي ۾ نائين ڏينهن به فريدآباد ۾ علامتي بک ھڙتال جاري رکي وئي جنهن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سورھيه سنڌي ۽ ٻيا بک هڙتال تي پهچي 56 ڪلاڪن واري بک هڙتال جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي، ھنن چيو ته امتياز خاصخيلي رياض خاصخيلي کي جبري طور کنڀي 9 مھينن کان گم ڪيا ويا آهن اسان پنهنجي پيارن لاءِ مسلسل پر امن احتجاج ڪري رھيا آھيون پر ظاھر نٿو ڪيو وڃي ھنن اقوام متحده انساني حقن جي عالمي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته امتياز خاصخيلي  رياض خاصخيلي جي جبري طور گمشدگي جو نوٽيس وٺي کين ظاھر ڪري آزادڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.