حيدرآباد پوليس گارڊ گم ڪري ڇڏيو، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي شورا ڳوٺ جي رهواسڻ شازيه زال غلام فريد حيدرآباد پوليس پاران 4 مهينا اڳ سندس مڙس غلام فريد  کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي الزام هنيو ته 4 مهينا اڳ ايس پي هيڊڪوارٽر، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر سندس مڙس غلام فريد کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سندس مڙس خانگي ڪمپني ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري ڪندو آهي، هن چيو ته مڙس جي جاچ جي سلسلي ۾ ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر عزيز پٺاڻ وٽ ويس ته ڊي ايس پي مٿس مڇرجي گارگند ڪندي ڪري آفيس مان ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو. هن چيو ته کيس خدشو آهي ته ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر سندس مڙس کي قتل نه ڪرائي ڇڏيو هجي. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته سندس مڙس کي فوري بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.