ٺٽي ۾ پوليس پاران 11 ڄڻن کي کنڀڻ خلاف احتجاج

ٺٽو(بيورو چيف) ٺٽي جي بھراڻي برادري پاران ماتلي جي ڳوٺ محمد جمن بھراڻي تي ٽنڊي غلام حيدر جي پوليس پاران چڙھائي  ڪري 11 ڄڻن کي کنڀي کڻي گم ڪرڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب ٺٽي اڳيان قومي شاھراھ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، جنھن سبب ٽريفڪ معطل ٿي ويئي، مظاھري ۾ شامل ماڻھن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا، جيڪي ٽنڊي غلام حيدر پوليس خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ ٺٽي جي بھراڻي ڳوٺ جي رھواسين محمد بخش بھراڻي، گل حسن بھراڻي، ماجد بھراڻي، الھبچايو بھراڻي، ماستر محمد رمضان بھراڻي ۽ ٻين چيو تہ 6 راتيون اڳ ٽنڊي غلام حيدر پوليس بلاجواز ڳوٺ جمن بھراڻي تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري 11 ڳوٺاڻن کي کنڀي کڻي وڃڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آھي، جن جو اڃان تائين ڪوبہ پتو پئجي ناھي سگھيو، جن جي جانين کي بہ نقصان جو خطرو آھي، جيڪو عمل افسوس ناڪ ھجڻ سان گڏ مذمت جوڳو آھي. ھنن چيو تہ بھراڻي برادري جا ماڻھون پرامن شھري آھن، جن ڪڏھن بہ ڪنھن سان ڪا ناانصافي ناھي ڪئي، پر پوليس خبر ناھي تہ ڪنھن جي ونگار وھندي سندن برادري جي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو اھي. ھنن چيو تہ پوليس جي اھڙين زيادتين تي خاموس نہ ويھنداسين. ھنن مطالبو ڪيو تہ 6 راتيون اڳ گرفتار ڪيل 11 ڳوٺاڻن کي فورن آزاد ڪري ڳوٺ تي چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندڙ ٽنڊو غلام علي جي پوليس عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ سندن پر امن احتجاج گرفتار برادري جي ماڻھن جي ازادي سميت ڳوٺاڻن کي انصاف ملڻ تائين جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.