ڪراچي ۾ گهر تي ڪاهه، ڀاتين تي تشدد، ناري اغوا، احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ ) مخدوم بلاول وليج واسڻ نسيم بيگم پنهنجي مڙس  وسيم احمد چانڊيي ۽ نياڻين شمائلا چانڊيو،اختر چانڊيو سان گڏجي انصاف لاء دانهڻ بعد الزام هڻندي چيو آهي ته اسان جا مائٽ جاويد  احمد چانڊيو،ناصر احمد چانڊيو ۽ ٻيا 11 جنوري رات جو منهنجي گهر ۾ زبردستي گهري اسان تي تشدد ڪيو ۽ منهنجي ننهن شگفته چانڊيو کي ٻانهن ۽ وارن کان گهلي کنڀي کڻي ويا جنهن واقعي جو اسان بروقت سچل ٿاڻي تي اطلاع ڏئي اين سي ڪٽرائي ۽ اهڙي واقعي جا اسان وٽ سي سي ٽي وڊيوز به موجود آهن ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي شمائلا چانڊيو ۽ اختر چانڊيو چيو ته اسان کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ تشدد به ڪيو ويو جنهن جا سڀ پاڙيسري شاهد آهن اسان جا چاچا هاڻ اسان جي ڀاڄائي شگفته  کي زبرستي کنڀي ويا.  ۽ ھاڻ ان تي تشدد ڪري سندس والد جي اغوا جو ڪوڙو بيان ڏياري اسان جي والدين ي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽  موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن جنهن کانپوء اسان عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهيون مائٽ بااثر آهن ان ڪري کين خلاف ڪو به قدم نه ٿو کنيو وڃي چيف جسٽس هاء ڪورٽ،آئي جي سنڌ،ايس ايس پي اوڀر کي اپيل آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ثبوتن جي روشني ۾ شفاف جاچ ڪرائي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سخت احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.