سيوهڻ ۾ جدوجهد ڪميٽي پاران درگاهون ۽ درسگاهون نه کولڻ خلاف احتجاج

سيوھڻ (ن ع آ ) سيوھڻ جدوجھد ڪميٽي پاران 23 ڏينھن تي به درگاھون ۽ درسگاھون بند ھجڻ خلاف قديم الم پاڪ آڏو علامتي بک هڙتال ۽ احتجاج جو سلسلو جاري رکندي دوڪاندارن شھرين  ۽ مختلف ڪاروبار ڪندڙ، ريڙھي، مزدورن ريسٽ هائوس مالڪن سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا آڏو دانهيندي اڪبر ملاح، اصغر ڪوريجو، محبوب چانڊيو، محمد بخش رند، سيد عاشق حسين شاھ ڪاظمي، احسان رند خالد جتوئي ۽ ٻين چيو ته درگاھ قلندر جي مزار کي کوليو وڃي ته جيئن سيوھڻ جي شھرين جو ڪاروبار شروع ٿي سگھي. شھري درگاھ بند ٿيڻ ۽ زائرين جي آمد نه ٿيڻ ڪري بک ۽ بدحالي سبب انھن جون زندگيون داءُ تي لڳايون پيون وڃن. هنن چيو ته اولياءَ  الله جون مزارون ڏکن ۽ تڪليفن جي ماريل بيوس ماڻهن جي دعائن جا در آهن ۽ دعائن جا در بند ڪري ماڻهن کي وڌيڪ ذهني پريشانين ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته ايس او پيز تحت تعليمي ادارا ۽ سنڌ ۾ بند پيل درگاهون کوليون وڃن ته جيئن سيوھڻ جا شھري معاشي بربادي کان بچي سگھن ٻئي صورت ۾ احتجاجي سلسلي کي درگاھ کلڻ تائين جاري رکيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.