مبارڪپور (ن ع آ) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ مرزا واهہ تي پورهيتن ڄام مستوئي، غفار مستوئي، عبدالغني مستوئي ۽ محمد نواز مستوئي جي گهرن کي چلهه مان چڻنگ لڳي جيڪا 4 گهرن کي باهه ڏسندي ڏسندي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، فائر برگيڊ کي بر وقت اطلاع ڏنو ويو پر وقت تي نه پهچي سگهي ،ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ باهه تي ظابطو آندو پورهيتن جي گهرن ۾ رکيل اناج ، نياڻين جو ڏاج ۽ کٽون هنڌ بسترا ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو ،پورهيت هن قهر جي سردي ۾ بي يارو مدد گار کليل آسمان هيٺ سهائتا لاءِ ويٺل آهن، متاثر پورهيتن وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي .