پکو لڳ بصرن سان ڀريل ٽرڪ تلاءَ ۾ اونڌي، 2 ڄڻا زخمي

پکو( ن ع آ)  لڳ بصرن سان ڀريل ٽرڪ تلاءّ ۾ ڪلٽي , ڊرائيور سميت 2 ڄڻا زخمي , ڊرائيور کي ننڊ جو جھوٽو اچڻ ڪري ٽرڪ روڊ جي ڀر ۾  تلاءّ ۾ ڪلٽي ٿي پئي , 5 لکن روپين جي ماليت جا بصر ضايع ٿي ويا , ڳوٺاڻن ترت پھچي زخمي ٽرڪ ڊرائيور ۽ ٻين کي تلاءّ مان ڪڍيو , مقامي اسپتال منتقل , متاثر واپاري جون دانھون  رپورٽ موجب پکو لڳ بصرن سان ڀريل ٽرڪ پاڻي جي تلاءّ ۾ ڪلٽي ٿي پئي ڊرائيور سميت 2 ڄڻا زخمي , پنج لک روپين جا بصر ضايع ٿي ويا , ان ڏس ۾ ڳوٺ خيرپور جوسو وٽ مين انڊس ھاءّ وي روڊ تي حيدرآباد کان لاڙڪاڻو ويندڙ بصرن سان ڀريل ٽرڪ ڊرائيور کي ننڊ جو جھوٽو اچڻ ڪري پاڻي جي تلاءّ ۾ ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ ٽرڪ ڊرائيور ساجد علي ۽ ھڪ مزدور زخمي ٿي پيا . جن کي ڳوٺاڻن ترت پھچي تلاءّ مان ڪڍي رورل ھيلٿ سينٽر خيرپور جوسو آندو جتان طبي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو ٻئي طرف ٽرڪ جي ڪلٽي ٿيڻ سان پنج لک روپين جا بصر ضايع ٿي ويا ۽ واپارين کي نقصان پھتو آھي ان حوالي سان متاثر واپاري ٻڌايو ته اسان حيدرآباد کان لاڙڪاڻي واپار جي سانگي بصر کڻي ايندا آھيون ۽ ان حوالي سان پنج لک روپين جا بصر ٽرڪ ۾ کڻي اچي رھيا ھئاسين ته ڊرائيور جي غفلت سبب ٽرڪ تلاءّ ۾ ڪلٽي ٿي پئي ۽ سمورا بصر پاڻي ۾ ضايع ٿي ويا ھوڏانھن حد جي پکو پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي ٽرڪ کي پنھنجي تحويل ۾ ورتو آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.