جبري گمشدگيون ۽ وزيراعظم جي ڳڻتي

ايڊيٽوريل

پاڪستان ۾ جبري گمشدگين جو معاملو هاڻي انتهائي سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن جو پڙاڏو بين الاقوامي انساني حقن جي حلقن کان وٺي، سياسي حلقن ۾ پڻ بحث جو موضوع بڻيل آهي. جبري گمشدگين جي اهڙين ڪاررواين تي دنيا جي سمورن انساني ۽ سياسي حلقن ۾ اڪثر ڪري انتهائي تشويش جو اظهار پڻ ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سياسي مخالفن جون گمشدگيون، انهن جو اغوا ۽ انهن کي پنهنجي موقف تي آڻڻ لاءِ ٿيندڙ ڪارروايون ته هونئن ئي ملڪ جي تاريخ جو حصو بڻيل آهن، پر ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ۾ ملڪ جي ٻن صوبن خاص ڪري بلوچستان ۽ سنڌ مان جيڪي جبري گمشدگين جا سوين هزارين ڪيس ٿيا آهن انهن جهڙوڪر پاڪستان جي جمهوري سياسي تاريخ جي منهن تي ڪارو داغ لڳائي ڇڏيو آهي ۽ رياست جي ساک ۽ ملڪ جي وقار ۽ جمهوري حڪومت جي اختيارن ۽ ملڪ جي اعلى عدالتن لاءِ ڪيترائي سوال اڀاري ڇڏيا آهن.

ملڪ مان جبري گمشدگين متعلق ڪا تصديق ٿيل رپورٽ نه آهي ته ملڪ جي ڪهڙي حصي مان ڪهڙا ۽ ڪيترا ماڻهو جبري طور تي کنڀي گم ڪيا ويا آهن، پر اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته خيبر پختونخواهه، بلوچستان ۽ سنڌ مان جبري گمشدگين جو انگ هزارن ۾ آهي ۽ ڪيترن ئي شهرين کي ته جبري طور تي گم ڪئي ڏهه ڏهه سال گذري چڪا آهن پر انهن جو ڪو به پتو نه پيو پئي.

جبري گمشدگين جي حوالي سان اها هڪ پڻ تلخ حقيقت آهي ته، جڏهن گم ڪيل شهرين جا وارث احتجاج ڪندا آهن ته ان جي موٽ ۾ ڪجهه شهرين جي واپسي پڻ ٿيندي آهي، گم ڪيل اهڙا شهري جڏهن ورهين جي گمشدگيءَ بعد گهر اچي پهچندا آهن ته انهن جو ذهني توازن مڪمل طور تي بگڙيل هوندو آهي، اهي مائٽن لاءِ به سڃاڻپ جهڙا نه هوندا آهن، انهن کي يا ته ڪرايو ڀاڙو کيسي ۾ وجهي ڪنهن ويران روڊ تي ان جي گهر يا شهر جي ڀرسان ڇڏيو ويندو آهي يا وري انهن کي ڪنهن ٿاڻي تي ظاهر ڪيو ويندو، اهي جڏهن وارثن وٽ پهچندا آهن ته جهڙوڪر زندهه لاش هوندا آهن.

ان سموري وارتا ۾ اها خبر بلڪل به نه پوندي آهي ته انهن کي ڪنهن کنڀي گم ڪيو ويو هو؟، ان تي بي انتها تشدد جو ذميوار ڪير آهي؟،  ۽ وري انهن کي آزاد ڪنهن ڪيو آهي؟. جڏهن ته انهن کنڀي گم ڪيل ڪيترن ئي شهرين جا سنڌ ۽ بلوچستان جي هاءِ ويز جي ڪنارن سان چچريل لاش پڻ ملندا رهيا آهن جيڪي اهو ٻڌائڻ لاءِ ڪافي هوندا آهن ته انهن تي ڪيتري نه بي رحميءَ سان تشدد ڪيو ويو آهي، جو انهن جي جسم جي هر هڏي، ڄنگهن ۽ ٻانهن سميت ٽٽل هوندي آهي ۽ انهن جي جسمن تي سگريٽن ۽ تپائي گرم ڪيل شيخن جا ڏنڀ ڏنل هوندا آهن.

پاڪستان ۾ اهڙين گمشدگين جا واقعا ڪيترن ئي سالن کان ٿي رهيا آهن پر انهن ۾ تيزي گذريل ٽن چئن سالن کان آئي آهي، انهن کنڀي گم ڪيلن ۾ هڪ وڏي اڪثريت نوجوانن جي هوندي آهي جن جون عمريون پندرنهن سالن کان پنجويهن سالن جي لڳ ڀڳ هونديون آهن، جن تي ملڪ جي ڪنهن به ٿاڻي تي نه ته ڪو ڏوهه جو  ڪيس داخل هوندو آهي ۽ نه ئي وري انهن تي رياست ۽ ملڪ سان غداريءَ جو ڪيس داخل هوندو آهي، ۽ نه ئي وري ڪنهن منفي سياسي سرگرميءَ جو ڪيس هوندو آهي، ان ڏس ۾ وڏي تلخ حقيقت وري اها آهي ته انهن نوجوانن کي جڏهن آزاد ڪيو ويندو آهي ته انهن خلاف ڪوبه ڏوهه ثابت ڪيل نه هوندو آهي.

ملڪ ۾ جبري گمشدگين جا اهڙا واقعا هاڻي ملڪ جي آئين، قانون ۽ شهري آزادين لاءِ انتهائي چيلنج بڻجي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي جبري گمشدگين واري معاملي تي ملڪ جي اعلى سياسي ايوان سينيٽ ۽ پارليامينٽ جي ايوان ۾ پڻ پڙاڏو گونجندو رهندو آهي، ملڪ جي انساني حقن جي وزارت هُجي، يا وري مخالف ڌر هُجي اهي پڻ جبري گمشدگين تي آواز اٿاريندا رهيا آهن، ان ڏس ۾ اهم ڳالهه اها آهي ته هاڻي جبري گمشدگين واري معاملي تي ملڪ جي وزيراعظم کي پڻ ڳڻتي ٿيڻ لڳي آهي، وفاقي حڪومت جي گذريل ڏينهن واري ڪابينه جي اجلاس ۾ ملڪ ۾ جبري گمشدگين جي مامري کي انتهائي تشويش ناڪ قرار ڏيندي اهڙين جبري گمشدگين کي روڪڻ لاءِ قانون سازيءَ تي زور ڏنو ويو آهي.

ان سلسلي جي عجيب ۽ پراسرا حقيقت اها آهي ته ملڪ جو ڪوبه ادارو اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ته انهن شهرين کي اسان ، هنن هنن الزام ۾ جبري طور تي گم ڪيو هو ۽ نه ئي وري اهڙن جبري طور تي گم ڪيل شهرين کي آزاد ڪرڻ بعد ڪو حڪومتي ادارو اهو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته انهن ئي کين ئي آزاد ڪيو آهي.

تحريڪ انصاف جي وزيراعظم پاران هاڻي ملڪ ۾ جبري طور تي گمشدگين تي پڻ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ ان ڳالهه جي ڪابه گنجائش نه ٿي رهي ته ملڪ جي شهرين کي ڪير جبري طور تي گم ڪري ٿو ۽ وري انهن جا پرتشدد لاش موٽائي ٿو، هاڻي اها ڳالهه واضع ٿي سامهون اچڻ گهرجي ته اهڙين ڪاررواين جي پٺيان ڪير آهي؟، ۽ ان قوت کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي؟، ته شهرين جا سمورا آئيني انساني ۽ شهري حق مليا ميٽ ڪري انهن کي کنڀي گم ڪيو وڃي.

اسين اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته پاڪستان هڪ جمهوري، آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي جتي جي شهرين کي پنهنجا آئيني ۽ قانوني حق ملڻ گهرجن، هن وقت تائين جيڪي شهري کنڀي گم ڪيا ويا آهن، انهن جي وارثن جو اهو ئي چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان جي نوجوانن خلاف رياست ۽ ملڪ سان غداريءَ جو ڪو ڪيس آهي ته انهن کي عدالتن ۾ صفائيءَ جو موقعو ڏنو وڃي، جيڪڏهن انهن تي ڏوهه ثابت ٿئي ته انهن کي سزا ڏني وڃي ۽ جي هو بي ڏوهي ثابت ٿين ته انهن کي باعزت نموني آزاد ڪيو وڃي، هاڻي اسان به جبري طور تي گم ڪيل شهرين جي وارثن جي اهڙي مطالبي جي پٺڀرائي ڪندي اهو ئي چونداسين ته جيڪي شهري جبري طور تي کنڀي گم ڪيا ويا آهن، تن کي ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب انهن کي عدالتن ۾ پيش ڪري پنهنجي صفائيءَ جو موقعو ڏنو وڃي، ڏوهي هجن ته کين سزا ۽ جي بي ڏوهي هجن ته انهن کي باعزت نموني بري ڪيو وڃي ۽ هاڻي ملڪ ۾ اڳتي لاءِ جبري گمشدين جو سلسلو فوري طور تي بند ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.