حڪومت پريشر ھيٺ ناھي ته پوءِ پريشان ڇو آھي!

تحرير: مسرور سيال

حڪومت ۽ اپوزيشن جي سياسي ويڙھاند ڪڏھن تيز ته ڪڏھن ھلڪي ٿيندي نظر ضرور آئي آھي پر ختم ٿيندي نظر نه پئي اچي، اھو ئي سبب آهي جو حڪومت پريشر ھيٺ آھي ! ڀل ته حڪمران اھو چون به ته حڪومت پريشر ھيٺ ناھي ۽ اپوزيشن جي تحريڪ جو مٿن ڪوبه اثر نه پوندو، خود اثر کي ظاھر ڪري رھيو آھي .

ٻه ڏينھن اڳ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان پنھنجن ئي وزيرن کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي ته جيڪي مخالفن کي موثر جواب نٿا ڏين کين گھر ويھڻ گھرجي آئينده  ڪنھن کي وزير بڻائڻو آهي  ۽ ڪنھن کي ھٽائڻو آھي ھو پاڻ فيصلا ڪندو ! مطلب ته ھن وقت وزيراعظم عمران خان پريشر ھيٺ آھي سندس ڪابينا جا وزير به اعتماد جوڳا نه رھيا آھن جي آھن به ته شڪي ضرور آھن .

وقت جي حڪومت به وقت تي پريشر وٺندي رھي آھي ان ڪري به ته کين حڪومت ھلائڻ جو اھو طريقيڪار ناھي، اصل ۾ ھي پھرين حڪومت آھي جيڪا پنھنجي لاءِ پاڻ مسئلا پيدا ڪري ٿي ۽ وري پريشر به پاڻ وٺي ٿي. مثال طور ھنن جا پنھنجا بيان اھڙا ھجن ٿا جو کين ڳيچي ۾ پئجي وڃن ٿا . ڪوئيٽا۾ ھزارہ برادري جي ڌرڻي بابت وزيراعظم جا بيان به بي سمجھي جو کليل ثبوت ھئا ظاھر آھي کين سخت تنقيد سان به منھن ڏسڻو پيو، اھڙي نموني پوڻا ٽي سال حڪومت ڪندي جيڪي يوٽرن ورتا ويا آهن اھي به ڪي دانائيءَ جو سبب ناھن پر پريشر سبب ورتا ويا آهن .

جڏھن کان اپوزيشن متحد ٿي آھي ۽ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان حڪومت مخالف تحريڪ ھلائي آھي ته حڪومت جا ڏند کٽا ٿي پيا آهن ھوڏانھن نوازشريف جا سخت بيان ماحول ۾ گرمي پيدا ڪندڙ ھئا ته وري جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جا تازا بيان به گرمي ۾ واڌاري جو سبب بڻيا آھن مالاڪنڊ ۾ جلسي  وقت مولانا فضل الرحمان جي پڇيل سوالن به حڪومتي وھڪري ۾ ڇپ ڪيرائي ڇڏي ! ھن پاڪ فوج کان سوال ڪيو ته اوھان جي پوزيشن ڇا آھي حڪومت چوي ٿي ته فوج اسان جي  پٺيان بيٺل آھي ؟ 19 جنوري تي پنڊي ۾ اعلانيل ڌرڻي جو رخ جي ايچ ڪيو جي مرڪزي دروازي ڏانھن به ٿي سگھي ٿو . اھڙي طرح پاڪ فوج جي ترجمان پريس ڪانفرنس ڪندي  مالاڪنڊ ۾ ٿيل سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏھن مولانا پنڊي آيو ته کيس چانھه پياري ويندي . ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته فوج پيشه وراڻيون ذميواريون نڀائيندي آھي کيس سياست ڏانھن نه ڌڪڻ گھرجي اليڪشن ڪرائڻ جون ذميواريون به حڪومت ڏنيون ھيون اسين ھر سويلين حڪومت سان گڏ سندن پٺيان بيٺل  ھوندا آھيون .

پاڪ فوج جي ترجمان جي وضاحت  مان به اھا ڳالهھ واضح ٿئي ٿي ته مخالف ڌر جا احتجاج خدشا  ۽ ڪيل سوال وزنائتا آھن . ھوڏانھن حڪومت پنھنجي پھرين موقفن جو ورجاءُ جاري رکيون پئي اچي جن کي ٻڌي ٻڌي عوام بيزار ٿي ويا آھن ته وري ساڳيا بيان ورجائي ورجائي حڪومتي وزير ، مشير ٽاڪ شوز ۾ ايندڙ اڳواڻ به تنگ ٿي پيا آهن . پوڻا ٽي سال حڪومت ڪرڻ باوجود به اڳوڻين حڪومتن مٿان الزام لڳائڻ بي مقصد بڻجي ويا آھن، جڏھن ته ھن وقت جنھن مھانگائيءَ سان منھن ڏنا پيا وڃن اھو به موجوده حڪومت جي اھميت يا نااھلي ثابت ڪري رھيو آھي . حڪومت کي ڪنھن ڳالھه جي خبر ئي ناھي ملڪ ۾ اٽو  ، کنڊ بحران ، تيل  ، گئس بحران وڌندڙ مھانگائي جيڪا حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاھر نڪري چڪي آھي . بيروزگاري بد امني ، بد انتظامي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي . اھڙي صورتحال ۾ حڪومت خلاف ڪا تحريڪ ھلندي ته ظاھر آ حڪمران پريشان ته ٿيندا ۽ پريشر به ته وٺندا . جيڪا وفاقي ڪابينا ۾ وزير اعظم جي غصي مان واضع محسوس ٿي وئي . ايندڙ وقت ۾ جنوري جي ٿڌ ۾ حڪومت جو پارو چڙھندي نظر اچي رھيو آھي 19 جنوري تي  پنڊيءَ ۾ لڳندڙ ڌرڻو پڻ ڪيتري ئي سياسي گرميءَ جو ڪارڻ بڻبو 31 جنوري تائين حڪومت  مڪمل پريشر ھيٺ رھندي ان جو سبب ھي به آھي ته آمريڪا ۾ تازو آيل تبديلي ڊونلڊ  ٽرمپ جو صدارتي مدت ۾ 15 ڏينھن بچڻ باوجود مواخذي وارو ٺھراءُ ڪانگريس ۾ پاس ٿيڻ ۽ 25 شق سان کيس ھٽائڻ وارو فيصلو به اھم آھي مطلب ته طاقتور ملڪ جي طاقتور صدر کي به سندس ئي ضد ھٺ ڌرمي ۽ بيوقوفيءَ سبب بي عزتون ڪري ھٽايو پيو وڃي . جڏھن ته نئون صدر جو بائيڊن 20 جنوري تي پنھنجي عھدي جو حلف کڻي رھيو آھي ۽ چيو پيو وڃي ته جون بائيڊن اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي سٺن دوستن منجھان هڪ آھي جنھن آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني آھي .

آمريڪا ۾ تبديليءَ جو اثر پاڪستان تي سڌي يا اڻ سڌي  طريقي سان پوندو آهي ۽ ھاڻ به پوندو ڏسجي ته ھي سڀ کان وڏو پريشر ھوندو حڪومت مٿان ! جنھن ڪري ڪيترائي وزير ۽ اسيمبلي ميمبر خاموش رھندا حڪومتي ترجمان حڪومت جو پريشر ھيٺ نه ھجڻ جا بيان ڏيندي به پريشر ھيٺ ڏٺا ويندا  ۽ سندن نوان فيصلا توڙي حڪم به پريشر کي واضع ڪندا جيڪي مخالف ڌر لاءِ وڌيڪ ڪارائتا ثابت ٿيندا .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.