فيس بڪ ۽ ٽوئٽر: عالمي فيصلا ساز

تحرير: نصرت جاويد

جمهوري نظام ۽ مهذب روايتن جي باري ۾ فڪرمند ماڻهن جي وڏي اڪثريت خوش ۽ مطمئن آهي ته فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر آمريڪي صدر ٽرمپ کي پنهنجن پليٽ فارمن تي بين ڪري ڇڏيو آهي. گذريل اربع جي ڏينهن واشنگٽن ۾ جيڪي هنگاما ٿيا اهي ڄاڻايل فيصلي جو سبب آهن. پڪن ثبوتن جي بنياد تي واضح انداز ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي ته نومبر 2020ع جي صدارتي چونڊن ۾ پنهنجي شڪست کي ٽرمپ دل دل سان قبول ناهي ڪيو. ڌانڌلي جو فرياد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو اٿس. ڪجھه رياستن کي جتي ريپبلڪن پارٽي اقتدر ۾ آهي، لاڳيتو ڀڙڪائيندو رهيو ته اهي جو بائيڊن جي حمايت ۾ وڌل ووٽن کي شڪي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏين. ان جي خواهش کي موٽ نه ملي ته ٽرمپ فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر ذريعي پنهنجي بَيس سان سڌي ريت رابطا شروع ڪري ڇڏيا. مڪمل نرڄائي وچان کين  صلاح  ڏيندو رهيو ته اهي 6 جنوري جي ڏينهن آمريڪي پارليامينٽ جو گھيرو ڪن.

نومبر جي چونڊ ختم ٿيڻ کانپوءِ آمريڪي پارليامينٽ نئين سال جي 6 جنوري جي ڏينهن اليڪٽورل ووٽن جي منظوري ڏيندو آهي. گذريل 200 سالن کان اها ئي معمول جي رسمي ڪارروائي ئي سمجهي ويندي رهي آهي. ڪو آمريڪي اهو امڪان ذهن ۾ آڻي ئي نٿو سگھي ته آمريڪي پارليامينٽ نومبر ۾ منظر عام تي آيل چونڊ نتيجن جي منظوري کان انڪار ڪري ڇڏي. پر ٽرمپ اها اميد رکي ڇڏي ته ان جا جنوني حامي واشنگٽن ۾ گڏ ٿي  تاريخ  ٺاهي ڇڏيندا. 6 جنوري 2021ع جي ڏينهن  تاريخ  هڪ لحاظ کان هر صورت بڻي پر ٽرمپ ۽ ان جي پارٽي جي اهم اڳواڻن ۽ حامين کي به شرمسار ڪري ڇڏيو. واشنگٽن پوليس مظاهرين آڏو ٺپ بي وس نظر آئي. مظاهرين ڀتيون اورانگهي پارليامينٽ جي عمارت ۾ گھڙي پيا. ان جي  عزت  مٽي ۾ ملائي ڇڏيائون. نيشنل گارڊز آمريڪي پارليامينٽ ميمبرن کي مظاهرين کا  لڪائڻ  تي مجبور ٿيا. پارليامينٽ جي عمارت کي محفوظ بڻائڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳا.
پارليامينٽ جي گھيري دوران ڪيترن ئي سادن ماڻهن اها اميد ٻڌي ته ٽرمپ هنگامي بنيادن تي قوم کي خطاب ڪندو. ان خطاب ذريعي وڏي شدت سان پنهنجي حامين کي قانون جي احترام تي راضي ڪري وٺندو، پر هو سازشي خاموشي سان تماشائي بڻيو رهيو.

نيشنل گارڊز صورتحال تي ڪنٽرول ڪري ورتو ته صرف هڪ وڊيو پيغام ذريعي اعتراف ڪيو ته ان کي 20 جنوري 2021ع جي ڏينهن آمريڪي صدارت جو بائيڊن جي حوالي ڪري ڇڏڻي پوندي، پر نئين صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ هو اڃا تيار ناهي. اشارو ڏئي رهيو آهي ته ان ڏينهن هو اسڪاٽ لينڊ هليو ويندو جتي ان هڪ وسيع گالف ڪلب قائم ڪيو آهي. واشنگٽن ۾ مظاهرن جو اهم سبب ٽرمپ جا پيغام قرار ڏنا پيا وڃن جيڪي نومبر2020ع کانپوءِ هو لاڳيتو فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر ذريعي پنهنجي حامين تائين پهچائي رهيو هو. خدشو هو ته انهن ٻنهي پليٽ فارمن کي چڙ ڏياريندڙ پيغامن پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪندو رهيو ته 20 جنوري جي ڏينهن واشنگٽن ۾ ئي نه آمريڪا جي سمورن وڏن شهرن ۾ به ان جا حامي  گھرو ويڙهه  جهڙا منظر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيندا. ان امڪان کي روڪڻ لاءِ تجويز اها پيش ٿي ته آمريڪي آئين جي آرٽيڪل 25 کي استعمال ۾ آڻيندي  غير ذميوار صدر  کي برطرف ڪيو وڃي. نائب صدر پينس 20 جنوري تائين وقتي صدر طور ڪم ڪري. ڄاڻايل تجويز کي مناسب موٽ نه ملي سگھي. آمريڪا جي هيٺئين ايوان جي اسپيڪر هاڻي اهو چاهي رهيو آهي ته ٽرمپ جو واشنگٽن ۾ مظاهرا ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ پڇاڻو ٿئي. پر مواخذي جي رٿ پنهنجي منطقي انجام تائين پهچڻ ۾ ڏاڍي دير ڪري ڇڏيندي آهي. ڊيموڪريٽڪ پارٽي وٽ هونءَ به آمريڪي مٿئين ايوان ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت موجود ناهي جيڪا ڪنهن صدر جي مواخذي لاءِ گھربل هوندي آهي.

ايئن لڳي رهيو آهي ته ٽرمپ خلاف ڪنهن قانوني ڪارروائي کان سواءِ ئي 20 جنوري 2021ع جو انتظار ڪيو ويندو. عوامي نمائندن ۽  مختلف ادارن  جي ٽرمپ جي حوالي سان واضح ٿيل  بي وسي  جي ابتڙ جيڪ ڊورسي ۽ مارڪ زڪربرگ آمريڪي صدر کان ڪافي وڌيڪ با اختيار ۽ طاقتور ثابت ٿيا. اول الذر ذڪر فيس بڪ هلائيندڙ ڪمپني جو مالڪ آهي. جيڪ ڊورسي ٽوئيٽر جو مالڪ آهي. انهن ٻنهي ٽرمپ کي جنهن کي اڄ ڪلهه ڪنهن به ملڪ خلاف ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جو اختيار مليل آهي پنهنجي پليٽ فارم تي بين ڪري ڇڏيو آهي. انهن جي فيصلي جمهوري ۽ مهذب روايتن جي باري ۾ فڪرمند ماڻهن کي پڪ سان خوشگوار اطمينان مهيا ڪيو آهي، پر ذهن سازي کان سواءِ اقتدار ۽ اختيار جي معاملن تي گھري تحقيق جي ذريعي ڄاڻڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ماڻهو ڊگھي مدي واري تناظر ۾ نهايت اهم ۽ سنجيده سوال اٿارڻ شروع ٿي ويا آهن. اها حقيقت ته وقت ٿيو جو ثابت ٿي چڪي آهي ته فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر روايتي ميڊيا جي مقابلي ۾ ذهن سازي جي حوالي سان ڪافي اثرائتا ترين آهن.  اظهار جي آزادي  جي خواهش کي ڪاروباري مهارت سان استعمال ڪندي انهن ٻنهي  عام ماڻهو  کي پنهنجي خيالن کي ماڻهن تائين پهچائڻ جي حيران ڪندڙ سهولت مهيا ڪئي. شروعاتي ڏينهن ۾ ان سهولت جو پرجوش آڌرڀاءُ ٿيو. عوام جي وڏي اڪثريت روايتي ميڊيا کان تنگ ٿي چڪي هئي. پڪن سببن جي بنياد تي اهي اهو محسوس ڪندا هئا ته وڏن ڌنڌن تي قابض سيٺن عوام کي اخبارن ۽ ٽيليويزن نيٽورڪ ذريعي خبر پهچائيندڙ ادان کي به خريد ڪري ورتو آهي.  اصل خبر  انهن ذريعي ماڻهن جي آڏو اچي ئي نٿي سگھي.  سچ  جي تلاش لاءِ سيٺن جي پگھاردار صحافين بدران سٽيزن جرنلزم تي وڃڻو پوندو.

ڪجھه سال جي وقتي خوشي کان پوءِ اها مرحلي وار دريافت شروع ٿي ته فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر ذريعي خلق خدا جا حقيقي مسئلا نروار نه ٿي رهيا آهن، پر اهي ٻئي پليٽ فارم جنوني ماڻهو  سازشي ڪهاڻيون  پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪري رها آهن. انسانن جي دلين ۾ موجود تعصبن کي ڀڙڪائيندي اهي ٻئي پليٽ فارم اهڙا  جنوني گروهه  تيار ڪري رهيا آهن جيڪي پنهنجي مخالفن کي ساهه کڻڻ جي مهلت ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهن. فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر معاشري ۾  انتهاپسندي  جي جيڪا نئي صورت متعارف ڪرائي آهي ان آخرڪار دنيا جي ڪيترين ئي حڪومتن کي مجبور ڪيو ته اهي اثرائتي قانون سازي ذريعي انهن ٻنهي پليٽ فارمن کي ريگيوليٽ ڪن. اڃا تائين مڪمل پابندي کان سواءِ ڪو اهڙو طريقو ناهي لڌو جيڪو گھربل نتيجن جي حصول کي يقيني بڻائي. ٽرمپ تي انهن ٻنهي پليٽ فارمن تي پابندي لڳڻ کانپوءِ اهوسمجھيو پيو وڃي ته فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر ڪيترن ئي حوالن سان طاقتور  عالمي ادارن  جي صورت اختيارڪري چڪا آهن. ماڻهن جي  ذهن سازي  جي عمل تي انهن جي مڪمل اجاره داري آهي.

ان تناظر ۾ غور ڪريو ته فيس بڪ مارڪ زڪر برگ ۽ ٽوئيٽرجو جيڪ ڊورسي دنيا جي طاقتور ترين ماڻهن جي حيثيت ۾ اجاگر ٿيا آهن. اهي ٻئي ماڻهو آمريڪا سميت سڄي دنياجي ڪنهن به چونڊيل يا اڻ چونڊيل اداري جي آڏو جوابدار ناهن. اهو طئي ڪرڻ صرف انهن جو  حق  آهي ته انهن جي هلايل پليٽ فارمن کي ڪهڙو شخص ڪهڙا پيغام پکيڙڻ لاءِ استعمال ڪري سگھي ٿو. اهي چاهين ته دنيا جي واحد سپر پاور سمجھي ويندڙ آمريڪا جي صدر کي به جيڪو صرف هڪ بٽڻ دٻائي ايٽمي هٿيارن جي ڪري لکين ماڻهن جي حياتي کسي سگھي ٿو، پنهنجو پليٽ فارم استعمال ڪرڻ کان روڪي سگھن ٿا.

ذهن سازي جي حوالي سان اهڙي قوت ۽ اختيار اڄ تائين دنيا جي ڪنهن وڏي کان وڏي اخباري اداري يا ٽيليويزن نيٽ ورڪ کي نصيب ناهي ٿيو. پر معاملو هاڻي  ذهن سازي  تائين محدود ٿيل ئي نظر نه پيو اچي. ايئن لڳي ٿو ڄڻ سڄي دنيا جي فيصلي سازي جو اختيار ٻن  عالمي  حڪومتن وٽ هليو ويو آهي. مارڪ زڪربرگ ۽ جيڪ ڊورسي ان ڏس ۾ موجوده دور جا  عالم گير  شهنشاهه ثابت ٿي رهيا آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.