سنڌ جي گئس تي وفاقي ڌاڙو !؟

تحرير: ايڊووڪيٽ امر امتياز

ڪافي عرصي کان پئٽرول مصنوعات جي مھانگي ٿيڻ کانپوءِ جڏھن مڪمل ملڪ ۾ مھانگائيءَ جو چئوٻول ھيو، ٺيڪ ان ٽائيم تي سنڌ جي وسيلن تي راتاھو هڻڻ لاءِ پڻ وفاقي سرڪار پنھنجا خوني ڏند کوڙڻ لاءِ آتي ھئي، جنھن جي نتيجي ۾  وفاقي سرڪار گئس جي  فراھميءَ ۾ ۽ چوريءَ ۾ پاڻ پيش پيش رھي. ھينئر به سنڌ گورنمينٽ جي دليلن موجب گئس جي وسيلن جي  چوريءَ جو ذميوار وفاق کي ڏنو ويو آھي توانائي واري وزير امتياز شيخ جي ڏنل موقف موجب اھا ئي خبر پوي ٿي ته وفاق سنڌ جي وسيلن تي من پسند فيصلا ڪري پيو.

ان سلسلي ۾ سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ جو چوڻ ھيو ته  گيس جي پيداوار ۾ پنھنجو نالو رکندڙ سنڌ کي گيس کان محروم رکڻ لاءِ ھڪ وڏي حڪمت عملي ۽ چالاڪيءَ کان ڪم ورتو پيو وڃي. ۽ سنڌ جي وزارت کان پڇڻ کان سواءِ سوئي سدرن جي گيس سوئي نادرن کي ڏني وئي پئي وڃي، ڪنهن کي خبر  ناھي ته سنڌ تي اھو راتاھو ڪھڙي قانون ۽ ڪنھنجي اجازت سان هنيو پيو وڃي. امتياز شيخ جي گئس جي خرد برد بابت ويچارن موجب اھو پڌرو ڪيو ويو ته وفاقي وزير ايل اين جي گهرائڻ بدران بهانا ڪري رهيا آهن، ۽ گئس جي پهچ بابت ڪنھن به ميٽنگ ۾ سنڌ کي اعتماد ۾ نه ٿو ورتو وڃي. ھتي اھو واضع ڪرڻ لازمي آھي ته پھريان ئي کوڙ عرصي کان سي اين جي ۽ صنعتن جي بندش سان هزارين ماڻهو بي روزگار آهن،مگر وفاق کي ڏتڙيل عوام جو ڪو احساس ناهي.

وفاق جي سنڌ دشمن پاليسين سبب ٿر ڪول سميت سنڌ جي وسيلن تي وفاق من پسند فيصلا پيو ڪري، ھاڻ اسانجي سنڌ وارن سياستدانن ۽ وزيرن پنھنجو سياسي سوالن ۽ جوابن ۽ جذباتي تقريرن جو پنڊارو کوليو آھي جنھن سبب اھو ٻڌڻ ۾ آيو آھي ته سنڌ وارو وزير فرمائي ٿو ته گئس واري معاملي تي وفاق جو قبضو برداشت نه ڪنداسين. ۽ ٻئي پاسي وفاق جي ڪڇ ۾ ويٺل سنڌ سرڪار جي وسيلن ۽ سورن جو تدارڪ ڪرائڻ لاءِ ترجماني ڪندڙ مرتضيٰ وهاب فرمائي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ جي عوام کي سياري ۾ گئس کان محروم رکيو ويو آهي، ھاڻي اھا ڳالھه وفاقي ايوانن تائين پھتي الاءِ نه پر سنڌ جي غريب عوام ضرور ٻڌي.

چون ٿا ته سنڌ صوبي جي عوام کي سليڪٽيڊ حڪمرانن کي رد ڪرڻ جي سزا ڏني پئي وڃي، اھا ڳالھه جيڪڏهن 20 سيڪڙو به جيڪڏهن صحيح آھي ته پو عوام پنھنجي ڪيل فيصلي تي شادمانا ڪري ۽ جيڪڏهن اھا ڳالھه غلط آھي ته پو سنڌ جو عوام پنھنجي گھر جي چور جي منڍي مروڙي، ڇوته ماضيءَ ۾اھڙن سنڌ دشمن بيانن ۾ اڪثر ھٿ پنھنجن ئي حڪمرانن جا رھيا آھن، اھو به فيصلو سنڌ جي عوام کي ايوانن تائين پھچائڻو آھي ته سنڌ کي گئس مهيا ڪري عوام کي پريشان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ڇو ته بي رحم ۽ نااهل حڪمرانن کي عوامي پريشانين جو احساس نه آهي. نه ئي کين اھو احساس آھي ته غريب جو ٻچو بيروزگار پيءُ آڏو اڳ تڙپندو آھي ته مٿي عرش به تڙپي اٿندو آھي،

ڪجھه عرصو اڳ سنڌ سرڪار پاران صوبي جي 11 ضلعن مان گئس نڪرڻ باوجود سنڌ جي ڳوٺن کي گئس فراهم نه ڪئي وئي، جنھن معاملي جو فيصلو  گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ اٿارڻ جو فيصلو، ڪيو ويو ھيو پر رزلٽ، سموري عوام کي خبر آھي ته سکڻين مرلين وڄائڻ سان ڪجھه به ڪونه ٿيندو آھي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ چيو ھيو ته قومي جنگلات پاليسي ٺاهڻ ۾ سنڌ کي ڪوبه اعتراض ڪونهي، پر پاليسي جي لاڳو لاءِ سنڌ اين ايف سي مان ڪوبه حصو نه ڏيندو. سيد اھو به ارشاد فرمايو ھو ته جنگلات پاليسي کي پاڻ صوبي ۾ لاڳو ڪنداسين.

سنڌ جي 11 ضلعن مان گيس نڪري ٿي، جنهن لاءِ سيد گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس ۾ انهن ڳوٺن کي گيس مهيا ڪرڻ لاءِ ڳالهائيندو،  اھا ڳالھه 28 اپريل تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي رٿيل اجلاس جي تياري بابت اجلاس جي صدارت ڪندي سيد مراد علي شاهه ڪئي ھئي ۽ اڄ 13 جنوريءَ تي اسانجي سونھاري سنڌ جي سڳوري سيد جو گئس بابت بيان آھي ته ايڏي وڏي شاھوڪار صوبي ۾ فقط 12 مھينن جو گئس اسٽاڪ موجود آھي ۽ ان بعد سمورو ڏوھ وفاق تي اڇلي سونھارو سيد سمجھي ٿو ته ھي اعلان ڪافي آھي، سنڌ جو عوام ان مان مطئمن ٿي ويو، ان سموري ڪاميٽيءَ ۾  سنڌ جو وڏو وزير، بين الصوبائي رابطن واري کاتي جي خاص معاون نواب تيمور ٽالپر، چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري آبپاشي جمال مصطفيٰ سيد ، سيڪريٽري توانائي آغا واصف، سيڪريٽري انٽر پراونشل ڪوآرڊينيشن اعجاز منگي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن جي شموليت ۽ گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ جيڪي ڳالھيون بحث ھيٺ آيون ھيون انھن مان ڪجهھ جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿو سمجھان، جنهن ۾ اعليٰ تعليم، قومي غذائي تحفظ، پلان 44، ايل اين جي درآمد، ڇهين گهر ۽ آدم شماري، قومي جنگلات پاليسي2015، ريگيوليشن آف جنريشن ۾ ترميم، بجلي جي ترسيل ۽ ورهاست ايڪٽ 1997، آرٽيڪل 154 جو قانوني نفاذ، ڪراچي جي لاءِ 1200 ڪيوسڪ (650 ملين گيلن) پاڻي ۽ ٻين معاملن تي ويچار ونڊيا ويا ھيا مگر عمل اڄ ڏينھن تائين ھڪ تي به نه ڪيو ويو آھي.

انھي سموري سلسلي ۾ ھيترن سارن وزيرن مشيرن جي آڏو سموري اجلاس کي وڏي وزير ٻڌايو ھو ته قومي جنگلات پاليسي ٺاهڻ تي سنڌ کي ڪوبه اعتراض ڪونهي، ، پر پاليسيءَ کي لاڳو ڪرڻ لاءِ سنڌ اين ايف سي مان ڪوبه حصو نه ڏيندو. جنگلات پاليسي کي پاڻ صوبي ۾ لاڳو ڪنداسين. ۽ سنڌ جي 11 ضلعن مان گيس نڪري ٿي، جنهن لاءِ سڳورو سيد گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس ۾ انهن ڳوٺن کي گيس فراهم ڪرڻ لاءِ ڳالهائيندو.

گڏيل مفادن واري ڪونسل جي اجلاس ۾ گيس فيلڊ جو پنجن ڪلوميٽرن تي ٻڌل علائقن ۾ گيس مهيا ڪرڻ، ھڪ اھم مدو ھيو پر ان تي اڄ به سنڌ جي عوام کي ۽ 11 ڳوٺ جتان گئس جھڙي وسيلن جو جنم ٿيو اتي جي رھائش پذير ماڻھن کي اصل ڳالھين کان اوندھه ۾ رکڻ ھڪ الميو آھي، ۽ وڏي ڳالھه اھا پڻ آھي ته جتي سنڌ ۾ گئس جي پيداوار ٿئي ٿي اتي ڪابه اڻاٺ ڪونه آھي پر انگن اکرن جي موجب گئس جي تمام گھڻي قلت ڏيکارڻ پڻ ھڪ وڏو سواليه نشان آھي، جنھن جو جواب وضاحت طلب آھي، جتي سموري ملڪ کي 70 سيڪڙو گئس سنڌ مان فراھم ٿي اتي گئس جي اڻاٺ پڻ الميو آھي.

سيارو ايندي ئي گئس جو ختم ٿي وڃڻ واري سوال تي سنڌ جو عوام پڻ اچرج ظاھر ڪري ٿو، ته آخر اھا ڪھڙي ماجرا آھي جنھن سبب گئس جي فراھمي ھڪ ته يقيني نه پئي بڻائي وڃي ٻيو ته سنڌ جي زرخيز زمين تان گئس وسيلن جو گم ٿيڻ ھڪ قسم جو عجيب فقري لمحو آھي، جيڪڏهن ماضيءَ جي ڪجھه سالن تي نظر وجھبي ته ھن وقت واري سنڌ گورنمينٽ، نواز گورنمينٽ تي به ساڳي ريت ساڳي وسيلن لاءِ ڪوڪون ڪندي نظر اچي ٿي، ۽ ھاڻي کلاڙي گورنمينٽ ۾ به ساڳيا راڳ الاپيندي نظر اچي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.