اختلافي موقف رڳو رکڻ نه پر ٻڌڻ به گهرجي

تحرير:زرار پيرزادو

¨ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هر ماڻهو پاڻ کي پنهنجي مخصوص مزاج ۽ شعور تحت ئي اظهاريندو آهي.

¨ وڏي سوچ وارو ماڻهو اهوئي هوندو آهي جيڪو هر ماڻهوءَ کي اظهار جي آزادي جو حق ڏيندو آهي.

¨ اسان اڪثريتي طور تي اهڙا به ماڻهو ڏٺا آهن جيڪي دعويٰ ڪندا آهن ته اهي ماڻهن جي آڏو سچ چئي ڏيندا آهن پر اهڙي دعويٰ ڪندي گهٽ ماڻهو ڏٺا ۽ ٻڌا ويا آهن جيڪي سچ ٻڌڻ جي به دعويٰ ڪندا هجن.

¨ اسان وٽ عام ماڻهن ۾ ته تنقيد ٻڌڻ، برداشت يا درگذر ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ هوندي آهي پر جيڪڏهن ادبي سنگتن جا ۽ اسٽڊي سرڪل جا تربيت يافته اديب، سياسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به پنهنجي اختلافي راءِ تي جواب نه ٻڌي سگهن ته ان الميي کي ڪهڙو نانءُ ڏجي.

¨ ماڻهن کي اخلافي موقف رکڻ جو برابر حق آهي پر جيڪڏهن اختلافي ڳالهيون يا موقف رکندڙ، ٻئي ڪنهن کي وري اختلافي راءِ جو حق نه ڏين ته ان کي ڇا چئجي؟

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هر ڪنهن کي دفاع جو به حق ڏيڻ گهرجي هڪ طرفي ڳالهه رکڻ جو رويو به آمراڻو ۽ غير جمهوري سمجهيو ويندو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.