ملير ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۽ عوام جا مسئلا

تحرير: سيد عنايت علي شاھ

ملير جي تڪ پي ايس 88ملير 2 تي، ٿيندڙ ضمني اليڪشن لاءِ ماحول جڙي چڪو آهي،نئين حلقا بندين کان پهرين اهو علائقو پي ايس 127 ۾ شامل هيو جنهن ۾ موجوده سڀ ڊويزن مراد ميمڻ ڳوٺ، سڀ ڊويزن ايئرپورٽ شامل هيون، هي تڪ ٻھراڙي ۽ شهري علائقن تي ٻڌل آهي، تنهڪري هن تڪ تي هميشه دلچسپ مقابلا ٿيندا آيا آهن.

مرتضي بلوچ جي وفات جي ڪري ملير جي هن تڪ پي ايس 88 تي ننڍي چونڊن جو شيدول جاري ٿي چڪو آهي جنهن موجب 16 جنوري 2021 تي ننڍي چونڊ ٿيندي، پيپلز پارٽي هن تڪ تي مرتضي بلوچ جي فرزند محمد يوسف بلوچ کي پارٽي طرفان اميدوار نامزد ڪيو آهي ۽ کيس ٽڪيٽ به جاري ڪري ڇڏي آهي. جڏهن تي سندس مقابلي ۾ پي ٽي آءِ جان شير جوڻيجو کي اميدوار نامزد ڪيو آهي پي پي پي ٽي آءِ کان علاوه هن تڪ تي ايم ڪيو ايم، فنڪشنل ليگ جي اميدوارن سميت ٽوٽل 52 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته اصل مقابلو پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ ايم ڪيو ايم  وچ ۾ ٿيڻ جا امڪان آهن پر پيپلز پارٽي جي پوزيشن مضبوط نظر اچي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جنهن شخص کي ٽڪيٽ ڏني آهي اهو هن تڪ جي عوام لاءِ غير معروف آهي. گهڻا ته سندس نالي کان واقف ناهن ٻيو ته تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت جي سنڌ دشمن پاليسين ٻيٽن تي ناجائز والار غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافي جي ڪري عوام عمران حڪومت مان بيزار ٿي چڪو  آهي. بهرحال اليڪشن جو ميدان ڪير ماريندو، اهو فيصلو تڪ جي عوام کي ڪرڻو آهي

هن تڪ تي ڪل ووٽرن جو تعداد  هڪ لک 54 هزار 7 سو آهي مرد ووٽرن جي تعداد 81 هزار 3 سئو 39 آهي جڏهن ته عورت ووٽرز جو تعداد 64 هزار 1 سئو 32 آهي ظاهر طور ته پيپلز پارٽي جو پلڙو ڳرو لڳي ٿو ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ملير جي مارو ماڻهن پيپلز پارٽي تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي بلڪه سالن کان ملير جا ماروئڙا پيپلز پارٽي سان نڀائندا اچن.

پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته پيپلز پارٽي گذريل 15 سالن ۽ خاص ڪري هن پنجن سالن ۾ بلديات توڙي قومي صوبائي اسيمبلن ۾ اربن جي فنڊن هجڻ جي باوجود به ملير جا سوين ڳوٺ بنيادي انساني حقن کان محروم آهن، ملير اڄ به تباهه حال آهي سڄي ضلعي اندر سيوريج جو نظام درم ڀرم آهي روڊ رستا انفرا اسٽرڪچر نه هجڻ جي برابر آهي لنڪ روڊ سڪڻ پل سميت ملير جي ڳوٺن کي پاڻ  ۾ ملائيندڙ روڊن رستن جي حالت تمام گهڻي خراب آهي ڪٿي روڊ ناهن ته وري ڪٿي پليون ناهن. هليٿ سيڪٽر ۾ ملير سڄي سنڌ ۾ سڀن کان پوئتي پيل علائقو آهي. سڄي ضلعي ۾ ڪو ٽراما سينٽر ناهي بينظير ڀٽو ڪامپليڪس 15 سال گذرڻ جي باوجود به اڃان تائين مڪمل ناهي ٿي سگهيو گڏاپ جا سوين ڳوٺ اڄ به بنيادي انساني حقن کان محروم آهن نه روڊ ، نه رستو نه اسپتال نه پئيڻ جو صاف پاڻي نه ئي ٽرانسپورٽ جو ڪو جوڳو بندو بست آهي. انهن مڙني مسئلن جي باوجود به ملير جو عوام پيپلز پارٽي سان نڀائيندو آيو آهي.

ماضي ۾ جيترا به واعدا پيپلز پارٽي ڪيا آهن اقتدار ۾ اچڻ کان بعد هميشه انهن واعدن جي خلاف ڪم ڪيو آهي جنهن جو مثال اسان جي اڳيان ايم ڊي اي جو  آهي جيڪو خود پيپلز پارٽي جو ٺاهيل ادارو آهي. ان وقت ئي ملير جي ساڃاهه وندن ان منصوبي تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا هئا ۽ وري جڏهن پيپلز پارٽي اپوزيشن ۾ هئي ته هن به ايم ڊي اي جي سخت مخالفت ڪئي هئي ۽ ان وقت جي ايم ڊي اي جي ڊاريڪٽر امير زاده ڪوهاٽي خلاف سڄي ملير ۽ سنڌ اسيمبلي اندر شديد احتجاج ڪيا ويا ۽ ايم ڊي اي کي ملير جي تباهي جو منصوبو ڪري پيش ڪندا رهيا جيڪا حقيقت به آهي پر وري جڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آهي ته ساڳئي ملير دشمن منصوبي ايم ڊي اي کي سنڌ اسيمبلي مان قانون سازي ڪري ملير جون 43 ديهون ڏيئي ڇڏيون جنهن سان سڄي ضلعي ملير جي ايگريڪلچر پولٽري فارمن ليز ۽ مال جي چراگاهن ، واري زمين ايم ڊي اي جي هٿ هيٺ اچي ويئي جنهن سان صدين کان آباد ڌرتي ڌڻين  پنهنجي ئي زمين تي روزگار ۽ اجهي کان محروم ٿي ويا آهن ۽ ايم ڊي اي کي ان قانون تحت زمين ٽرانسفر ڪرڻ جا اختيار به ڏنا ويا آهن.

اهو سڄو ڪارنامو پيپلز پارٽي ڪيو آهي جنهن ملير جون زمينون پليٽ ۾ رکي ملڪ رياض کي پيش ڪيون آهن ۽ ملڪ رياض جي غير قانوني منصوبي بحريا ٽائون کي شيلٽر فراهم ڪيو ويو آهي ان هي قانون تحت ملڪ رياض سڄي ڪراچي ڊويزن ۾ زمينن جا فائل خريد ڪري کين ديھه ٻولاڙي ۽ ديھه لنگهجي ۾ شفٽ ڪرايو جتي هينئر بحريا ٽائون تعمير ٿي رهيو آهي بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ملير ايڪسپريس وي ۽ ٻيا ميگا  منصوبا ترقي جي نالي ۾ اسان لاءِ تباهي آهن انهن منصوبن جي ڪري ضلعي ملير جي صدين کان آباد ڳوٺن کي تباه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي ۽ هتان جي اصلي باشندن کان سندن اباڻا اجھا کسيا پيا وڃن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي قبرن مٿان بلڊوزر هلائي عاليشان محل تعمير ڪرايا پيا وڃن. لطيف سائين جو تڪيو، چوڪنڊي طرز جا سوين قبرستان مسمار ڪيا ويا آهن قدرتي چشمن ننديون ڊورا ڊنڍون جبل ۽ ڌرتي جي  سموري قدرتي حسناڪي کي تباه برباد ڪيو ويو آهي. هن وقت بحريا ٽائون ملير کي ڳڙڪائي ڄامشوري ضلعي جي ڪوهستان تائين پهچي چڪو آهي. هن منصوبي کي پيپلز پارٽي جي حڪومت جي مڪمل حمايت حاصل آهي ان سان گڏو گڏ سنڌ پوليس حڪومتي نمائندا سڀ ملڪ رياض جا ٽائوٽ لڳا پيا آهن. مجال آهي جو ڪو ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي سگهي.

آئون حڪومتي ڌر خاص ڪري ملير مان چونڊيل نمائندن کي اهو ضرور چوندس ته جيڪڏهن  ڌرتي نه رهندي ته پوءِ  توهان ڪٿي ڀوتاري ڪري سگهندا ؟ جڏهن ڊي ايچ سٽي، بحريا ٽائون ايجوڪيشن سٽي ۽ ايم ڊي اي جون اسڪيمون مڪمل ٿينديون ته هتي هزارين لکين ڌارين ماڻهن جي لوڌ اچي آباد ٿيندي ۽ هتان جا مقامي سنڌي ماڻهون اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ۽ پاڻ ڪائونسلر جي سيٽ به حاصل نه ڪري سگهنداسين آئون ملير جي چونڊيل نمائندن خاص ڪري  اقتداري ڌر جي دوستن کي گذارش ڪندس ته اقتدار هميشه لاءِ ناهي هوندو هن وقت ملير مان پنج صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ۽ هڪ قومي اسيمبلي جو ميمبر سڀ هتان جا مقامي آهيو، يقينن توهان ملير جي مٽي ۽  ماڻهن سان مخلص هوندا تنهنڪري سڀ گڏجي پنهنجا ذاتي مفاد هڪ پاسي رکي ملير ۽ پنهنجي ماڻهن جي نمائندگي ڪيو ۽ اسيمبلين ذريعي ملير مٿان مڙهيل هن ڪاري قانون کي ختم ڪرايو ۽ ايم ڊي اي کان ملير جون 43 ديهون واپس ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. تاريخ ۽ قدرت توهان کي بهترين موقعو مهيا ڪيو آهي ان جو فائدو وٺندي ملير جي ماڻهن ۽ پنهنجي وطن لاءِ ڪجهه ڪري وڃون ته جئين تاريخ ۾ توهان جو نالو ملير پرستن وطن پرستن ۾ لکجي سگهي جيڪڏهن  توهان ملير واسين طرفان مليل مينڊيٽ جو ڀرم رکندي ملير دشمن طاقتن خلاف هڪ آواز ٿي پنهنجي ماڻهن جي نمائندگي ڪئي ته توهان جو نالو وطن پرستن جي لسٽ ۾ شامل ٿيندو ۽ توهان تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويندا جيڪڏهن  ائين نه ڪيو ته ياد رکو تاريخ ۾ توهان جو نالو وطن فروشن جي لسٽ ۾َ لکجي ويندو ۽ صدين تائين اهو داغ توهان جي دامن مٿان نه لهي سگهندو. اسين ملير واسي اميد ٿا رکون ته توهان اسان جي ڏنل مينڊيٽ جو ڀرم رکندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.