ڪراچي ۾ قيدي پاران اڳوڻي زال کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي ( رپورٽر) عدالت ۾ ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قيدي طرفان سوشل ميڊيا ذريعي اڳوڻي زال کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. عورت اڳوڻي مڙس خلاف ثبوت کڻي عدالت پهچي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ  درخواست تي ٻڌڻي دوران عورت اسما مشتاق دانهيو ته اڳوڻو مڙس شيخ سينٽرل جيل ۾ 2 ڀيرا عمر قيد جي سزا ڪاٽي رهيو آهي. جيڪو جيل مان به هراسان ڪري ٿو ۽ واٽس ايپ تي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. درخواستگذار عورت اڳوڻي مڙس خلاف ثبوت به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا آهن. عدالت طرفان يوسف پلازه ٿاڻي جي پوليس کي عورت کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي ، عدالت عورت کي هراسمينٽ بابت نئين درخواست داخل ڪرڻ جِي هدايت ڪئي آهي ، عورت اسما مشتاق جو چوڻ آهي ته نعيم شيخ کان 2017ع ۾ خلع ورتي هئي، جنهن بعد مڙس مون تي حملو ڪيو، جنهن دوران والد قتل ٿي ويو هو، 2019ع ۾  اڳوڻي مڙس کي عدالت مان سزا ملي، تڏهن کان هو لڳاتار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.