جيڪب آباد ميونسپل آفيس تي نيب ٽيم جو ڇاپو

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ميونسپل ڪميٽي ۾  ڪرپشن جي الزام هيٺ آفيس تي نيب ٽيم سکر جو ڇاپو، ملازمن ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ، نيب جي ٽيم چيف ميونسپل آفيسر سان شھر ۾ لڳل اسٽريٽ سولر لائيٽز سميت ترقياتي ڪمن جو معائنو ڪيو نيب سکر جي ٽي رڪني ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر انويسٽيگيشن آفيسر ٽو عاصم رضا پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ پهتي ته ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن ۾ ٿرٿلو مچي ويو نيب ٽيم ميونسپل ڪاميٽي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سي ايم او سان آفيس ۾ ويھي اسڪيمن بابت معلومات ورتي ،ميونسپل عملدارن موجب نيب ٽيم ميونسپل پاران مختلف علائقن ۾ لڳرايل اسٽريٽ سولر لائيٽن بابت جاچ ڪرڻ لاءِ پهتي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.