ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس اقبال ڪلهوڙي سانگهڙ ۾ ضمني چونڊن لاءِ پي ايس 43 جي اميدوار ڄام ذيشان جون درخواستون منظور ڪندي ريٽرننگ آفيسر جي خلاف فيصلو ٻڌائيندي ٻه درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. .پ پ جي اميداوارڄام ذيشان پنهنجي سامهون بيٺل تحريڪ انصاف جي اميدوار مشتاق احمد ۽ محمد اسلم جي نامزدگي فارم جي منظوري جي خلاف درخواست داخل ڪئي آهي. درخواستن ۾ چيو ويو آهي مشتاق احمد ۽ محمد اسلم پي ايس 43 جا اميدوار آهن. نامزدگي فارم ۾ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن .ان ڪري مشتاق احمد جو نامزدگي فارم رد ڪيو وڃي اليڪشن ڪميشن جي لاءِ آفيسر عبدالله هنجراه چيو آهي ته مشتاق احمد ۽ محمد اسلم چونڊن جي خرچ جي موجب بئنڪ اڪائونٽ نه ٺاهيو آهي .اليڪشن ڪميشن ايڪٽ 2017ع جي تحت ايڪسڪلوسو بئنڪ اڪائونٽ ضروري آهي .03