ڄامشوري ۾ پراڻي دشمني تان پيءُ قتل، پٽ زخمي

ڄامشورو(رپورٽ: راجا انور چانڊيو) ڄامشورو ۾ و حيدرآباد روڊ تي هٿياربندن  پراڻي دشمني تان فائرنگ ڪري پيرسن کي قتل  ۽ سندس نوجوان پٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو مليل تفصيل موجب بروهي برادري جي هٿياربندن. واپڊا ڪالوني ڀرسان ڳوٺ يوسف کوسو جي رهواسين علي اصغر بروهي ۽ سندس پٽ شاهد بروهي تي موٽرسائيڪل تي سوار ٽن هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني،جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب 45 ورهين جو علي اصغر بروهي مارجي ويو، جڏهن ته سندس پٽ 18 ورهين جو شاهد بروهي سخت زخمي ٿي پيو،اطلاع ملڻ تي ڄامشورو پوليس پهچي مقتول جو لاش  ۽ زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لمس اسپتال پهچايو.  جتي وڏي انگ ۾ بروهي برادري جا ماڻهو جا به اسپتال پهتا،اسپتال ۾ زخمي جو بهتر علاج نه ٿيڻ تي بروهي برادري ۽ اسپتال عملي وچ ۾ منهن ماري پڻ ٿي،پوليس شڪ ۾ 2 ڄڻا گرفتار ڪري  5 ڄڻن خلاف داخل ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.