جيڪب آباد ۾ سڱاوتي تڪرار تان همراهه قتل

جيڪب آباد(ڊر) جيڪب آباد ۾ سڱاوتي تڪرار تان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن دڪان ويندڙ شخص کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو،  خبر موجب جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد ٿاڻي ويجهو دڪان کولڻ لاءِ ويندڙ 50 ورھين جي شخص امان الله بروهي تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار جوابدارن ھٿيارن جا مُنھن کولي ڇڏيا جنهن سبب گوليون لڳڻ جي ڪري پيرسن شديد زخمي ٿي پيو جنهن اسپتال ۾ دم ڏنو،  گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سٽي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته چانڊيا ۽ بروهي برادري ۾ ڇوڪري کڻڻ جي معاملي تان ٻن سالن کان تڪرار ھلندڙ ھو مقتول جو پٽ لاڙڪاڻي جي چانڊين جي ڇوڪريءَ کڻي فرار ٿي ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.