حيدرآباد ۾ بدامني، فتح گروپ جي صنعتڪار جي گهران ڪروڙن جو ڌاڙو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ بدامني ، ناليواري صنعتڪار جي گهر ۾ ساڍا 3 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ماليت جو ڌاڙو لڳڻ تي شهر ۾ خوف  پکڙجي ويو آهي.  ايس ايس پي عبدالسلام شيخ پاڻ واقعي واري هنڌ پهچي ويو. سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر امن جو پکي نشاني تي اچي ويو . حسين آباد ٿاڻي جي حد گدو اسپتال ويجهو اڻڄاتل هٿياربند حيدرآباد جي مشهور صنعتڪار فتح گروپ جي صنعتڪار سيٺ وحيد جي بنگلي بغدادي هائوس تي ڪاهه ڪري هٿياربند بنگلي جي چوڪيدار کي سوگهو ڪري گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي ورتو. جنهن بعد هٿياربند 6 هزار ڊالر، 120 تولا سون ۽ لکين رپيا روڪ رقم، پرائز بانڊن ۽ ٻئي قيمتي سامان سميت مجموعي طور تي ساڍن ٽن ڪروڙ رپين جو ڌاڙو هڻي فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي حيدرآباد پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ وارادت واري هنڌ پوليس اٽالن سان گڏ پهچي ويو. ايس ايس پي حيدرآباد صنعتڪار جي گهر ۾ ڌاڙي جو نوٽيس وٺندي سي اي آءِ اي انچارج جي سربراهي ۾ 3 رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جاچ ڪاميٽي ۾ ڊي ايس پي حسين آباد ۽ ايس ايڇ او حسين آباد شامل آهن. جن کي فوري ڌاڙي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ايس ايس پي طرفان جوڙيل ڪاميٽي پنهنجي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايس ايس پي عبدالسلام شيخ جي حڪم تي ڪرائيم سين يونٽ ٽيم، ڊي آءِ سي انچارج، جيو فرانزڪ ٽيم ۽ لوڪيٽر انچارج به وارادت واري هنڌ پهچي ويا، جن ڌاڙي واري هنڌ جو مڪمل جائزو ورتو ۽ جاچ شروع ڪري ڏني. جيو فرانزڪ ٽيم فنگر پرنٽس ڊيٽا گڏ ڪري ورتي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.