اسٽيل مل پورهيتن جي بجلي ۽ گئس به بند، ٻارين ٻچين رستن تي اچي ويا

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو)  پاڪستان اسٽيل مل مان نوڪرين مان برطرف ڪيل پورهيتن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت سي اي او اسٽيل مل  جي گهر آڏو ٽئين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو. انتظاميا پورهيتن جي گهرن جي گئس ۽ بجلي بند ڪري ڇڏي.ڌرڻي دوران اسٽيل مل ڊائريڪٽر فنانس عارف شيخ سي اي او هائوس جي ديوار ٽپي فرار ٿي ويو،  ڌرڻي کي خطاب ڪندي آل ايمپلائز ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڌڻي بخش سمون، شوڪت ڪورائي، عاصم ڀٽي، ياسين ڄامڙو، اڪبر ناريجو، اڪبر ميمڻ ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت پاڪستان اسٽيل مل مان هزارين پورهيتن کي برطرف ڪري هزارين خاندانن کي فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آهي، هزارين پورهيتن کي بيروزگار ڪري انهن جي گهرن جو چلهو وسايو ويو آهي، هنن چيو ته پاڪستان اسٽيل جي تعصب پرست انتظاميا برطرف ڪيل پورهيتن جي گهرن جي گئس ۽ بجلي پڻ بند ڪري ڇڏي آهي، عمران سرڪار اقتدار ۾ اچڻ کان پهريان هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر اقتدار ملڻ کانپوءِ هزارين پورهيتن کي جبري برطرف ڪري عوام دشمني جو مظاهرو ڪيو آهي. ڌرڻي ۾ مختلف پارٽين جا اڳواڻ جن ۾ مسلم ليگ ن جو مرڪزي اڳواڻ اڳو ڻو گورنر محمد زبير , اڳوڻو سينيٽر نهال هاشمي , پيپلز پارٽي ملير جو جنرل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي ساجد جوکيو , ايم پي اي شاهينا شير علي ,پيپلز پارٽي پاران نامزد اميدوارپي ايس 88 ملير  تي نامزد اميدوار يوسف بلوچ , مسلم ليگ ن ملير جو صدر فيروز خان ۽ ٻيا يڪجهتي طور ڌرڻي واري هنڌ پهتا.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.