گڏيل قومون تشدد پسند قومپرست گروپن کي به ڪالعدم قرار ڏين: پاڪستان

نيويارڪ (م ڊ) پاڪستان عالمي امن لاءِ نئين خطري  جو سبب بڻجندڙ پرتشدد هندو پرست نظرئي (هندوتوا) سميت قوم پرست نظرين جو سبب بڻجندڙ تشدد جي هاڻوڪي واڌ کي روڪڻ لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ايڪشن پلان جو مسودو پيش ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم مسودي ۾ چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل ٻين دهشتگرد گروهن وانگر ڪٽر هندو تنظيم کي پڻ ڪالعدم قرار ڏئي ڇاڪاڻ ته پرتشدد نسل پرست ۽ انتهاپسند دهشتگردي اڻ ٽر پرتشدد جي روڪٿام ۾  رڪاوٽ جو سبب بڻجندي ۽ داعش، القائده جهڙين دهشتگرد تنظيمن جي ناانصافي، تشدد يا دهشتگردي جي بيانئي سبب انتهائي خراب حالتن ۾ واڌ ڪندي. هن رياستن کان مطالبو ڪيو ته سفيد فام نسل جي بالاتر هئڻ واري تصور جي حامين، نسلي گروهن، هندو پرست نظرئي جي حامل ويڙهاڪ تنظيمن سميت پرتشدد قوم پرست گروهن جي ڪارروائين کي دهشتگردي قرار ڏنو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.