براڊشيٽ نيب نيازي ڳٺ جوڙ ۽ مشرف جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو: نواز ليگ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) مسلم ليگ ن جي ترجمان  مريم اورنگزيب چيو آهي ته برطانوي فرم براڊ شيٽ نيازي نيب ڳٺ جوڙ ۽ پرويز مشرف جو منهن ڪارو ڪري ڇڏيو آهي.مريم اورنگزيب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پرويز مشرف 600 ڪروڙ رپيا هڪ خانگي ڪمپني کي ڏنا، مشرف 600 ڪروڙ پنهنجي کيسي مان نه ڏنا، آمر عوام جي پيسي کي جمهوريت جي خلاف استعمال ڪيو.هن چيو ته نيب نيازي ڳٺ جوڙ جي اسٽوري آهي، نيب جي دستاويزن ۾ هو ته اربين کربين رپين جي ريڪوري ٿي، پرويز مشرف 25 ملين ڊالر نه مليا ڇو ته ريڪوري نه ٿي هئي، ڪوڙ ڳالهايو ويو هو، پرويز مشرف، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ براڊ شيٽ کي پيسا نه ڏنا  ڇو ته هي ڪوڙ هو.مسلم ليگ ن جي ترجمان چيو ته احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر عمران خان جي حڪم تي براڊ شيٽ سان ڳالهيون ڪيون، نيب ۽ براڊ شيٽ جي وچ ۾ ڪو به سرڪاري معاهدو ناهي.هن سوال ڪيو ته جيڪا ريڪوري ٿي جنهن جي براڊ شيٽ دعويٰ ڪئي اُها سرڪاري ناڻي ۾ جمع ڪرائي وئي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.