سنڌ ۾ ٻهراڙي ڪوٽا تي جعلي ڊوميسائل رکندڙ کي نوڪريون ڏيڻ تي ڪاوڙ

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي ڪابينا  سيڪريٽريٽ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اربع  ڏينهن ڪميٽي جي چيئرپرسن ڪشور زهره جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو،ڪابينا ڊويزن واري ايڊيشنل سيڪريٽري چيو ته وفاق ۾ صوبن جي نمائندگي سان لاڳاپيل ادارن ۾ مقرريون لاڳاپيل صوبي مان ئي ڪيون وڃن ٿيون، ڪميٽي چيو ته ٻين شهرن ۽ صوبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ٻئي صوبي جو جعلي ڊوميسائيل ملڻ جي ڪري حقدارن جو حق ماريو پيو وڃي. ڪميٽي سنڌ صوبي جي ٻهراڙي ڪوٽا تي جعلي ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهن کي ملازمت ڏيڻ بابت ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ڪميٽي سول سروس رولز موجب اقليتن جي لاءِ مختص ڪوٽا تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ خالي جاين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن وفاقي ادارن ۾ صوبن ۽ اقليتن جي ڪوٽا تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪميٽي جي ميمبر علي نواز اعواڻ جي سربراهي ۾ چار رڪني ذيلي ڪميٽي جوڙي ڇڏي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.