شاهد خاقان، شهباز ۽ مريم لاءِ نوازشريف جو اهم پيغام کڻي پهتو

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ)ن)  جو مرڪزي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي لنڊن کان ملڪ واپس پهچي ويو آهي. ذريعن موجب شاهد خاقان عباسي پرڏيهي اڏام جي ذريعي لنڊن  کان دبئي ۽ ان کان پوءِ اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو. شاهد خاقان عباسي آمريڪا مان واپسي تي 5 ڏينهن لنڊن ۾ ترسيو ۽ اتي هن پارٽي اڳواڻ ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ذريعن ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته شاهد خاقان عباسي شهباز شريف ۽ مريم نواز جي لاءِ نوازشريف جو اهم پيغام به کڻي آيو آهي.ذريعن ٻڌايو ته شاهد خاقان عباسي سينيٽ چونڊن ۽ پي ڊي ايم تحريڪ جي حڪمت عملي بابت مريم نواز ۽ شهباز شريف جي لاءِ نوازشريف جو پيغام به آندو آهي هو هلندڙ هفتي اهو پيغام ٻنهي اڳواڻن کي پهچائيندو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.