سنڌ هاءِ ڪورٽ مونيڪا لاڙڪ واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، قاتلن جو پتو نه پيو

پيرجوڳوٺ (رپورٽ :علي گل جوڻيجو) پيرجوڳوٺ لڳ  زيادتي بعد قتل ٿيل نياڻي مونيڪا لاڙڪ واري واقعي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي 15 جنوري تي پيش ٿيڻ جو حڪم، خبرموجب پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ هادل شاھ ۾ 3 ڏينهن اڳ زيادتي بعد قتل ٿيل نياڻي مونيڪا ڌيءَ غلام شبير لاڙڪ واري وحشت ناڪ واقعي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ۽ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي  کي 15 جنوري تي نياڻي واري واقعي جي رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي، ڪالھ ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي ايس ايڇ او پيرجوڳوٺ دلي جان مگسي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي مشڪوڪ ماڻهن مبارڪ بڙدي، نظام الدين بڙدي، علي حسين بڙدي، محمد امين بڙدي، خميسو شر، جنسار جوڻو، سيد احسان شاھ، مست جوڻو، منصور احمد شر، سليم شر، سرفراز لاڙڪ، شڪيل مھيسر، نصير لاڙڪ، جميل لاڙڪ، شاھنواز لاڙڪ، علي رضا جتوئي سميت 27 ڄڻن کي گرفتار ڪري پيرجوڳوٺ اسپتال مان ڊي اين اي  ٽيسٽ لاءِ جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويا آھن، ٻئي طرف مقتول نياڻي جي امڙ ۽ ڀينرن ۾ روڄ راڙو متل آھي، ڳوٺ لونگ لاڙڪ سميت علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آھي، هوڏانهن مقتوله نياڻي جي امڙ انيلا لاڙڪ هڪ ڀيرو ٻيھر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ظالمن منهنجي معصوم نياڻي جي زندگي جو ڏيئو اجھائي مونکي زنده ئي ماري ڇڏيو آھي، ان ڏينهن جو انتظار آھي جنهن ڏينهن منهنجي نياڻي سان ظلم ڪندڙ جوابدارن کي سرعام سزا ايندي ڏسندس،

سنڌ اسيمبلي ۾ مونيڪا واقعي جي گونج

ڪراچي(رپورٽر) پي ٽي آءِ جي ميمبر جمال صديقي خيرپور ۾ زيادتي بعد قتل ٿيندڙ ٻارڙي مومنه لاڙڪ سان پيش ايندڙ واقعي تي پنهنجي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته سنڌ ۾ ٻارڙن سان زيادتي جي واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، معصوم ٻارڙي جي قتل تي دل رت جا ڳوڙها روئي رهيو آهي پر افسوس هن واقعي تي سنڌ حڪومت خاموش آهي جنهن تي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو ته ٻارڙن سان زيادتي جا واقعا ڪٿي به ٿين مذمت جوڳا آهن. هن چيو ته خيرپور واقعي تي پوليس ڪجهه شڪي جوابدار گرفتار ڪيا آهن. هن چيو ته اسان اهڙن ڏوهن تي سياست نٿا ڪيون پر جوابدار کي سزا ڏيارينداسين. پيپلز پارٽي جي عورت ميمبر ڪلثوم چانڊيو جعلي ڊوميسائيل تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو ۽ چيو ته صوبي ۾ جعلي ڊوميسائيل خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. روينيو واري صوبائي مخدوم محبوب الزمان چيو ته جعلي ڊوميسائيل جون جيڪي خبرون آيون هيون ان کان پوءِ وڏي وزير هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. اسپيڪر چيو ته اهو گهرو کاتي جو مسئلو آهي.

مونيڪا سانحي خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو

ڪراچي(نمائندا)ميرپور بٺوري ۾  عوامي تحريڪ طرفان علي محمد پرويز ميمڻ، ساگر مجيد پرھياڙ، عزيز ميمڻ، اسماعيل گگھڙ، درياھ خان زئور ۽ محمد ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ خيرپور ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل مونيڪا لاڙڪ واقعي سميت سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين ۽ قتلن جي واقعن خلاف پريس ڪلب صوفي شاھ عنايت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ لاقانونيت سبب اھڙن واقعن ۾ واڌارو ٿي رھيو آھي ، هوڏانهن  پ ٽ الف تعلقي نوابشاهه پاران فدا حسين لغاري، غلام علي جمالي، غلام فاروق ڏاھري، محمد ابراھيم رند، عبدالغفار، حفيظ عباسي، صاحب خان ٻگهيو، انور رستماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اھڙا واقعا اسان جي معاشري تي ڪاري داغ وانگر چٽا نظر اچي رھيا آھن،

مونيڪا واقعي جاجوابدار ڪنهن به رحم جي لائق ناهن: اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پير ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ عادل شاھ ۾ معصوم نياڻي مونيڪا لاڙڪ کي وحشي جوابدارن پاران زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي تي انتھائي افسوس جو اظھار ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته  معصوم نياڻي مونيڪا لاڙڪ کي قتل ڪرڻ وارو واقعو لڱ ڪانڊاريندڙ ۽ انتھائي بي حسي جو نتيجو آھي، واقعي جا جوابدار ڪنھن به  رحم لائق ناھن.

ايس پي هيڊڪوارٽر خيرپور جي وارثن سان تعزيت، قاتل جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري

خيرپور(مختيار ڦلپوٽو) ايس پي هيڊ ڪواٽر خيرپور نوشروان چانڊيو پير جوڳوٺ ڀرسان ٽي ڏينهن اڳ جنسي حوس جو نشانو بڻائي قتل ڪيل مونيڪا لاڙڪ جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي.جنهن بعد ايس پي نوشروان چانڊيا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مونيڪا لاڙڪ قتل ڪيس ۾ ڪجهه شڪي جوابدار گرفتار ڪيا آهن اميد آهي ته اصل قاتلن تائين تمام جلد پهچڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين، هن چيو ته مونيڪا لاڙڪ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي

مقتول نياڻي جو ٽيجهو، ڊي سي پاران والد کي گهر ٺاهرائڻ لاءِ 50 هزار امداد

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ رھزنن پاران زيادتي بعد قتل ڪيل نياڻي مونيڪا لاڙڪ جو ٽيجھو ڳوٺ لونگ لاڙڪ ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور عبدالحق قريشي، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي، ايس پي هيڊ ڪوارٽر نوشيروان چانڊيو، لالا عبدالغفار شيخ، شائسته بلوچ، پ پ اڳواڻ ضمير حسين ڪانھر، پ پ اڳواڻ سيد اڪرام شاھ، پ پ اڳواڻ مامو محمد ابراھيم مڱريو، محمد عالم سولنگي، رياض علي خاصخيلي، وڏيرو بشير احمد ڀنڊ، ڊاڪٽر برڪت علي ڪانھر، محمد علي وسطڙو کان سواءِ علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن، مختلف برادرين جي چڱن مڙسن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور متاثر نياڻي جي والد غلام شبير لاڙڪ کي گهر جي جڳھ ٺھرائڻ کان سواءِ 50 هزار رپيه روڪ مالي مدد ڏيڻ جو اعلان ڪيو،

جاويد شاهه جيلاني جي فون تي تعزيت، 20 هزار اماڻيا

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) پ پ ايم اين اي  جاويد علي شاھ جيلاني مقتوله نياڻي جي وارثن سان فون ذريعي تعزيت ڪري کين 20 هزار رپياٽيجھي ۾ ڏياري موڪليا ۽ کين آٿت ڏ يندي چيونياڻي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور سان ڳالھ ٻولھ ٿي آھي جن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش جي يقين ڏياريو آھي ۽ پنهنجي طرفان نياڻي جو ڪيس وڙھڻ لاءِ پنهنجي خرچ تي وڪيلن جو پينل مقرر ڪيو آھي جيڪي نياڻي جو ڪيس مفت ۾ وڙھندا.

ڀينرون ڪلاڪ تائين قبر تي لاڙڪ لاڙينديون رهيون

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ قتل ٿيل نياڻي مونيڪا لاڙڪ جي  ٽيجھي واري ڏينهن سندس معصوم ڀينرن صبا، نور، ميرا، نساءَ، اعجاز خاتون لاڙڪ پنهنجي ڀيڻ مونيڪا لاڙڪ جي قبر تي اچي  گل رکي اکين مان ڳوڙھا ڳاڙيندي چيو ته اسان توکان سواءِ اسڪول نه وينداسين، اسان کي تون ڇڏي ڇو وئينءَ، اچ ته گڏجي راند کيڏون، امان به توکي ساري ٿي ائين چئي نياڻين ڪيترن ئي ماڻهن کي روئاري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڀيڻ جي قبر تي هڪ ڪلاڪ تائين لاڙڪ لاڙينديون رھيون.

مونيڪا لاڙڪ جو ڪيس بلائينڊ ڪيس آهي: ڊي آءِ جي سکر

سکر (رپورٽر) مونيڪا لاڙڪ جو ڪيس بلائينڊ ڪيس آهي، اصل جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ روايتي طريقن کان هٽي جاچ ڪرڻي پوندي، ڊي آءِ جي سکر فدا حسين مستوئي ميڊيا  سان ڳالهائيندي چيو آهي ته  سائنسي بُنيادن تي ثبوتن سان جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ مامرو به کُلي سامهون اچي ويندو، مونيڪا لاڙڪ جي ڪيس ۾ شڪي ماڻهن جا به ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا پيا وڃن، اصل جوابدارن تائين پهچڻ لاءِ پهچڻ لاءِ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.

جوابدار ڪيترا به بااثر هجن ، ڪابه رعايت نه ڪبي: ايس ايس پي خيرپور

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ نياڻي مونيڪا لاڙڪ جي قتل واري واقعي بابت ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي هڪ ڀيرو ٻيھر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ملوث جوابدارن کي پاتال مان ڪڍي به نياڻي جي خون ۽ وارثن سان انصاف ڪبو، جوابدار ڪيڏا به بااثر هجن پر نه سفارش قبول ڪبي ۽ نه ئي کين ڪا رعايت ڏبي، مقرر ٿيل سينيئر پوليس آفيسرن جو ٽيمون پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رھيون آھن جنهن تي مان رات جو ديرتائين پڻ اسٽڊي ڪرڻ سان گڏ مانيٽرنگ ڪري رھيو آھيان جلد علائقي واسين کي خوشخبري ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.