سنڌ سڀا جي حيدرآباد ۾ ڏهين ڏينهن به بک هڙتال

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سڀا پاران جبري گم شده  ماڻهن  جي بازيابي ۽ سنڌ سڀا پارٽي جي سرواڻ انعام عباسي سميت ٻين اڳواڻن جي گرفتاري خلاف ڪالهه 10هين ڏينهن به حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رکي وئي، بک هڙتالي ڪيمپ تي ويٺل حسين ڏاهري ۽ ڊاڪٽر نذير کوکر کي ڪمزوري ٿيڻ ڪري چڪر اچڻ لڳا ،ڪيمپ تي حمايت طور سياسي سماجي شخصيتن محمد حنيف رڪ، مالهي شنڪر سنڌي، رزاق عاصي، وقار سومرو، فريد مگسي، پير خالد سرهندي، عديل لياقت ڀٽي، امجد رند، نثار لغاري، لطيف سنڌي، عطا ڏاهري، فريد رتڙ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نذير کوکر، حسين ڏاهري، عاقب چانڊيو جي امڙ مختيار بيگم، سنڌو امان چانڊيو، شازيه چانڊيو، ايوب ڪانڌڙي جي نياڻي ماروي ڪانڌڙو، شبيران آرائين ۽ ٻين بک هڙتال جاري رکي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هو سخت سياري ۾ پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ کليل آسمان هيٺ عورتن مردن سميت احتجاج ڪري رهيا آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.