ڪراچي ۾ ترقياتي رٿائن ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر)مڪاني ادارن واري وزارت کي نيٺ سنڌ جي گادي وارو شهر ڪراچي ياد اچي ويو،ترقياتي منصوبن ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪندي مڪاني ادارن واري کاتي پاران تيار ڪيل منصوبا ڪي ايم سي حوالي ڪرڻ جو حُڪم ڏنو ويو آهي،ڪالھ مڪاني ادارن واري کاتي جي صوبائي وزير سيد ناصر حُسين شاھ جي صدارت هيٺ ھڪ اهم   اجلاس ٿيو, اجلاس ۾ چيو ويو ته  بلديه عظميٰ ڪراچي ۽ ڊي ايم سيز  ۾ ايڊمنسٽريٽرن جي مقرري کانپوءِ تمام گهڻي بهتري آئي آهي، شهر ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي ترجيح ڏني وڃي، ڪي ايم سي جا ايترا اثاثا آهن جيڪڏهن نظام کي بهتر بڻايو وڃي ته ڪنهن گرانٽ جي ضرورت نه پوندي، فنڊز جي ضرورت ٿي ته وزير اعليٰ سنڌ کي گذارش ڪنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن بلديه عظميٰ ڪراچي جي صدر آفيس ۾ ڪي ايم سي جي ترقياتي ڪمن بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، ان موقعي ناصر حسين شاهه چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ترقي لاءِ خصوصي هدايتون ڏنيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.