پاڪستان رڳو بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي ناهي: ڊاڪٽر عمار جان

ميھڙ (رپورٽ :جميل مهيسر)عوامي جمهوري پارٽي  ميهڙ پاران ملڪ ۾ غربت جا سبب ۽ ان جو حل جي موضوع تي مذاڪرو ٿيو جنهن ۾  سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن  عورتن توڙي مردن وڏي انگ ۾ شرڪت  ڪئي  تقريب ۾ پنجاب کان آيل کاٻي ڌر جي نامياري دانشور ڊاڪٽر عمار جان ، اي جي پي  جي مرڪزي تعليمي سيڪريٽري سيد لعل شاه ايڊووڪيٽ چيو ته سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام  عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي.  مهانگائي بدامني ۽ دهشت گردي رياست کي کوکلو ڪري چڏيو آهي،ڊاڪٽر عمار جان چيو ته  آءِ ايم ايف ۽ ٻيا سرمائيدار ادارا دنيا کي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪيڙين پيا هن چيو ته سنڌي عوام جي جدوجهد سبب سرڪار کي ٻيٽن جي مامري تي پوئتي هٽڻو پيو.  ، اسان کي حقن گهرڻ تان ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو ويو پر اسين پاڪستان جي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن جي حقن ۽ نجات لاء جاکوڙيندا رهنداسين هن چيو ته پاڪستان رڳو بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي سوسائٽي ناهي پاڪستان غريبن جو به آھي ،مذاڪري کي ايڊووڪيٽ سعيد پنهور ،منور جتوئي منظور مهيسر ،سليم مگسي، ايڊووڪيٽ ساجد چانڊيو، جنيد چانڊيو، فراز جتوئي ،ماجد پنهور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.