سنڌ ۾ خوبصورت عمارتن وارا 81 اسڪول تيار، تعليمي سرگرميون شروع

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ نوڊ پرڳڻي ۾ 1 ارب 20 ڪروڙ جي لاڳت  سان بهتر ڪوالٽي وارا 81 اسڪول تيار ڪندي تعليمي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن،جڏهن ته مجموعي طور تي 85 هزار شاگرد اعليٰ معيار جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن،دستاويزن ۽ زميني حقيقتن موجب سنڌ ۾ 2010ع ۾ آيل وڏي دريائي ٻوڏ کان پوءِ متاثر ٿيل ضلعن ۾ يو ايس ايڊ جي تعاون سان اعليٰ  ڪوالٽي جي تعليم ڏيارڻ لاءِ 106 اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،جنهن بعد يو ايس ايڊ سڌي ريت سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن ذريعي اسڪولن جي بلڊنگز جو تعميراتي ڪم پاڻ شروع ڪرايو ۽ هر هڪ بلڊنگ لاءِ 14 ڪروڙ جي رقم خرچ ڪرڻ جي منظوري ڏني،اسڪولي بلڊنگ ۾ نرسري،ڪي جي ۽ پهرين ڪلاس کان ڏهين ڪلاس تائين مفت تعليم فراهم ڪرڻ جي رٿا بندي ڪئي ۽ بلڊنگز جي تعميرات ڪرائي،سمورا ڪلاس هڪ ئي بلڊنگ ۾ قائم ڪندي ڪمپيوٽر ليب،لائيبري،انٽرنيٽ،ڪلينڪ،بهتر معيار جي فرنيچر سان گڏ مستقل بنياد تي سولر لڳائي  بجلي جو بندوبست پڻ پلاننگ ۾ شامل ڪيو ويو جنهن بعد هن وقت تائين انتهائي خوبصورت عمارتن تي مُشتمل 81 اسڪولن جي اڏاوت مڪمل ڪندي ڄاڻايل سموريون سهولتون فراهم ڪندي هلندڙ اسڪولن ۾ 2200 استاد مقرر ڪري بهترين معيار جي تعليم شروع ڪئي ويئي آهي،قمبر شهداد ڪوٽ،جيڪب آباد،دادو،سکر،خيرپور،ڪشمور ڪنڌڪوٽ،لاڙڪاڻو،شڪارپور، گهوٽڪي سميت ڪراچي جي پُٺتي پيل علائقن جن ۾ گڏاپ،لياري،ڪياماڙي ۽ بن قاسم ٽائون ۾ مجموعي طور تي ڇھ کان ست اسڪول مڪمل ڪري تدريسي عمل شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته جون 2021ع تائين وڌيڪ رهيل  25 اسڪولن جو تعميراتي ۽ فني ڪم مڪمل ٿي وڃڻ بعد نئين تعليمي سال ۾ انهن اسڪولن ۾ به تدريسي عمل شروع ڪيو ويندو جنهن بعد مجموعي طور تي 106 اسڪولن ۾ 1 لک ٻارڙا بنا ڪنهن فيس جي پرائيويٽ اسڪولن کان به بهتر معيار جي تعليم حاصل ڪري سگهندا

سمورن ضلعن ۾ جديد نموني عمارتون ٺاهڻ جو ٻيو مرحلو شروع ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ بيسڪ ايجوڪيشن پروگرام ۽ پي پي پي نوڊ سنڌ پرڳڻي جي سمورن ضلعن ۾ جديد نموني سان عمارتون ٺاهي بهتر ڪوالٽي جي تعليم بابت ٻيو فيز شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،يو ايس ايڊ ساليانو 1 ارب رپيا ڏيڻ جي منظوري ڏيندي رهجي ويل ضلعن ۾ جون 2021ع کان تعميراتي ڪم شروع ڪرڻ جوفيصلو ڪيو آهي جنهن لاء هن وقت به 1ارب 30 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن ايندڙ مرحلي ۾ پڻ هڪ ئي بلڊنگ اندر سمورا ڪلاسز هلائي شاگردن کي تعليم ڏني ويندي ۽ بلڊنگ ۾ هيڊ استاد جي آفيس سميت 15 ڪمرا تعمير ڪيا ويندا جتي پرائيويٽ سيڪٽر کان به بهتر تعليم ڏني ويندي،هوڏانهن پي پي پي نوڊ جي سينيئر ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حمزو خان ٽڳڙ چيو آهي ته اسان جيڪي اسڪول شروع ڪيا آهن انهن ضلعن ۾ والدين پرائيويٽ اسڪولن کي ڇڏي اسان جي اسڪولن ۾ ٻارڙا داخل ڪرائي رهيا آهن عوامي آواز کي هن ٻُڌايو ته هڪ ئي بلڊنگ ۾ نرسري ڪي جي کان وٺي ڏهين ڪلاس تائين تعليم ڏيارڻ سان انرولمينٽ گهٽ نه ٿيندي ۽ لٽريسي ريٽ ۾ اضافو ٿيندو هن تصديق ڪئي ته پهريون فيز مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ساڳيو پروگرام شروع ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.