اسرائيل جي شام تي بمباري 57 شهري مارجي ويا

دمشق( م ڊ) اسرائيل شام تي بمباري  جي نتيجي ۾ 57 شهري مارجي ويا آهن. اسرائيل شهري آبادي ۽ هٿارن جي ڊيپو کي نقصان رسايو.  اسرائيل عراقي سرحد سان لڳندڙ علائقي دير الزور ۾ 18 حملا ڪيا. حملي ۾ شامي فورسز جا 14 اهلڪار، عراقي مليشيا جي 16 اهلڪار ۽ ايراني حماير يافته فاطميد برگيڊ جا 11 افغان اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته 37 شهري به نشانو بڻيا . 03

مشرف خلاف فيصلي تي تنقيد، فروغ نسيم جي عدالت کان معافي

پشاور (م ڊ) عدالت خاص مددگار شهزاد اڪبر ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو،پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز مشرف غداري ڪيس ۾ خاص عدالت جي ججن خلاف وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس جي معاملي تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،قانون بابت وفاقي وزير فروغ نسيم عدالت ۾ پيش ٿي چيو ته مون لاءِ عدالتن جو احترام سڀ کان اهم آهي، پنهنجي بيان تي شرمندو آهيان،عدالت فروغ نسيم کي پيشي کان ڇوٽ ڏئي ڇڏي، جڏهن ته خاص مددگار شهزاد اڪبر ۽ فردوس عاشق اعواڻ کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو،

ٿر ۾ وڌيڪ 3 ٻار فوت

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا،سول اسپتال ۾  پريم چند،ايم هاشم فقير ۽ ذڪاءُ الله جا تازا ڄاول ٻارڙا فوتين ۾ شامل آهن،جنهن بعد هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 24 ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.