نيب کي مبارڪ، ريفرنس ته داخل ٿيو: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد( م ڊ) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته نيب کي مبارڪ هجي، ريفرنس ته داخل ٿيو. هن ريفرنس تي موقف ڏيندي چيو ته هو عدالت ۾  پاڻ کي بي گناهه ثابت ڪندو. هن چيو ته نيب بابت موقف تي قائم هئس ۽ آهيان.03

آمريڪي ايوان نمائندگان ۾ ٽرمپ جي مواخذي جو بل منظور

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ايوان نمائندگان صدر ٽرمپ کي عهدي تان هٽائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي ۽ نائب صدر جي انڪارباوجود  صدر جي مواخذي جو بل منظور ٿي ويو، آمريڪي صدر کي 25هين ترميم تحت هٽائڻ جي حمايت ۾ 223 ۽ مخالفت ۾ 205 ووٽ پيا، نائب صدر مائيڪ پينس چيو ته آمريڪي صدر کي هٽائڻ سان غلط روايتون جنم وٺنديون، 25هين ترميم جو استعمال ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ ناهي ٻئي پاسي ٽرمپ چيو ته 25هين ترميم سان مون کي ڪو خطرو ناهي، اها بائيڊن خلاف استعمال ٿيندي، ٻئي پاسي آمريڪي انصاف کاتي ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث ماڻهن خلاف هر صورت ۾ ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.