”الزام ثابت ڪريو“ سهيل سيال جو نيب چيئرمين چئلينج

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي صوبائي وزير سهيل انور سيال نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي الزام ثابت ڪرڻ جو چئلينج ڏئي  ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته مون کي ميڊيا ذريعي خبر پئي آهي ته منهنجي خلاف نيب انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، نيب چيئرمين کي چئلينج ٿو ڪيان ته الزام ثابت ڪري. هن چيو مون تي الزام آهي ته مان گهر سرڪاري زمين تي ٺاهيو آهي، ان حوالي سان روينيو کاتي کي لکي ڇڏيو آهي ته منهنجو گهر سرڪاري زمين تي ٺهيل ناهي.  سندس موجب منهنجي پيءُ گهر ايف بي آر ۾ ظاهر ڪيو هو، نيب چيئرمين ۽ ڊائريڪٽر جنرل نيب سکر پريس رليز ۾ ئي الزام ثابت ڪري ڏيکارين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.