بالادستي قبول ناهي، فوج کي چونداسين ته مداخلت ختم ڪريو: فضل الرحمان/اچڪزئي

لورالائي(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه  مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هاڻ اسان هن ملڪ ۾ ادارن جي بالادستي کي قبول نه ڪنداسين ۽ هتي عوام جي بالادستي هوندي.لورالائي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڌانڌلي جي حڪومت کي رد ڪيون ٿا، اسان جي جنگ پارليامينٽ جي خودمختاري ۽ قانون جي عملداري لاءِ ۽ پاڪستان ۾ جمهوري هوائن جي بحالي لاءِ آهي، ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي آهن، قوم هڪ پليٽ فارم تي آهي.فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ياد رکو عمران خان کي ته وڃڻو ئي وڃڻو آ، هي ڪوڙي حڪومت، ڪوڙو وزير اعظم آهي ان کي هن وٽ ته عقل ئي ناهي، هن جو ڪو نظريو ناهي، ڪڏهن چوي ٿو ته مديني جي رياست هئڻ گهرجي، ڪڏهن چوي ٿو ته چيني نظام هئڻ گهرجي، ته وري ڪڏهن چوي ٿو ته هتي ايراني نظام جي ضرورت آهي، وري ڪڏهن چوي ٿو ته آمريڪي نظام هئڻ گهرجي.فضل الرحمان چيو ته اڄ اسان آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان کي پاڪستان کي آمريڪي ڪالوني بڻجڻ ناهي ڏيڻو، ملڪ ۾ جمهوري هوا ناهي ۽ اسان آئين جي بالادستي چاهيون ٿا، پاڪستان جو مالڪ عوام آهي يا ڪجهه طاقتور ادارا آهن، هاڻ اسان هن ملڪ ۾ ادارن جي بالادستي کي قبول نه ڪنداسين، هتي هاڻ عوام جي بالادستي هوندي.جي يو آءِ ف جي سربراهه جو چوڻ هو ته ماڻهو حڪومت مان بيزار ٿي چڪا آهن، هي ٻين تي الزام ٿا هڻن ته هي چور آهن ۽ هو چور آهن، اڄ اهڙي حڪومت آئي آهي جو ماڻهو چون پيا ته پراڻن چورن کي واپس آڻيو، جيئن ماني ته ملي،  ملڪ جي معيشت ٻڏي رهي آهي، حڪومت ملڪي معيشت جو ڪٻاڙو ڪري ڇڏيو، غريب بازار ۾ کاڌي پيتي جون شيون خريدڻ جي لائق ناهن رهيون، هنن جي خريداري جي قوت جواب ڏئي چڪي، مائرون بازارن ۾ پنهنجا ٻچا پيون کپائن، والدين ٻارن کي ڍنڍن ۾ پيا اڇلائن ڇو ته هنن وٽ کين پالڻ جا پيسا ناهن.پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان انتهائي خطرناڪ دور مان گذري رهيو آهي، دنيا ۾ ڏينهون ڏينهن اڪيلو ٿيندو پيو وڃي ۽ ويجها دوست پري ٿيندا پيا وڃن.سندس چوڻ هو ته مون کي هڪ کان وڌيڪ ذميوار پاڪستانين چيو ته اسان چين ويا هئاسين ۽ هنن چيو ته خدا کي مڃو اسان کي بخشيو، پر اسان جي تاتارين کي به وزيرستان ۾ جاءِ ڏني آهي.هن چيو ته اچو اسان پنهنجي فوج سان ڳالهيون ڪيون ۽ فوج کي چئون ته سڌي سادي ڳالهه آهي ته ڇا هي ملڪ فوج لاءِ آهي يا هي فوج ملڪ لاءِ آهي.محمود خان چيو ته اسان سول ۽ فوجي ايجنسين آءِ ايس آءِ، ايم آءِ کي به بهتر ايجنسيون بڻائينداسين پر سياست ۾ انهن جي مداخلت نه ٿيندي جيڪو آئين چوي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن جي ثقافت ۽ زبانن جو احترام ٿيندو، مرضي سان ملڪ هلائينداسين، اسان اِها ڳالهه گپ شپ طور نه پيا ڪيون پر مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۾ جتي حلف وٺڻ چاهي حلف ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.