ن ليگ پاران ننڍي چونڊ ۾ پ پ جي حمايت جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ ن سڄي سنڌ  ۾ ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهوڙي چيو آهي ته موجوده حڪومت ٻن سال ۾ عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، 5 سالن ۾ ڇا ٿيندو ناقابل تصور آهي مسلم ليگ ن جي صدر شاهه محمد شاهه چيو ته اسان هر هنڌ پيپلزپارٽي سان گڏ بيٺا هونداسين، ووٽ به ڏينداسين ، پولنگ اسٽيشنون به سنڀالينداسين، مسلم ليگ هائوس ڪارساز ڪراچي ۾ مسلم ليگ ن سنڌ جو صدر شاهه محمد شاهه ، محمد زبير ، مفتاح اسماعيل ، خواجه طارق نذير ، علي اڪبر گجر ، رانا احسان ، سعيد الله آفريدي ، راجا انصاري ، پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثارکهوڙو. وقار مهدي ، ساجد جوکيو ، جاويد ناگوري ، يوسف بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس  کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ضمني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي حمايت تي اتفاق ڪيو ويو آهي ، محمد زبير چيو ته مهانگائي،بي روزگاري ۽ غربب عوام جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.