عمرڪوٽ ۾ اليڪشن ڪميشن عملو پ پ جي ڌر بڻيل آهي: ارباب رحيم

عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري)عمرڪوٽ جي پي ايس 52 تي نامزد جي ڊي اي اميدوار ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾  پيپلزپارٽي تي پري پلان ڌانڌليون ڪرڻ جو الزام ھڻندي پولنگ بوٿ اندر توڙي ٻاھر فوج جي مقرري جو مطالبو ڪري ڇڏيو آھي ڊي آر او آفيس ۾ شڪايتون درج ڪرائڻ بعد آفيس ٻاھران ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ارباب غلام رحيم چيو ته آئون اميدوار آھيان مون ڊي آر او آفيس پھچي پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ ڊيوٽي تي لڳندڙن جي لسٽ طلب ڪئي پر مونکي به اھا لسٽ ڏيڻ ۽ ڏيکارڻ لاءِ تيار ناھن اليڪشن ڪميشن عملو جيڪو عمرڪوٽ ۾ مقرر ٿيل آھي اھو پ پ جو ڌر بڻيل آھي سڀ ڪجھ پ پ جي خاص عھديدار برھان ڪنڀر جي مرضي سان ٿي رھيو آھي جيڪو ھر وقت اليڪشن عملي سان گڏ موجود آھي ھوڏانھن پ پ اميدوار پاران ھڪ ڪارنر گڏجاڻي ۾ مخالف اميدوار جي ووٽرن کي ڌمڪيون ڏيڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد وڏا ۽ نوان چئوٻول شروع ٿي ويا آھن ۽ عمرڪوٽ سياسي تبصرن تجزين جو مرڪز بڻجي ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.