آرمي چيف جي ڪوئيٽا ۾ مچ سانحي جي متاثرن سان ملاقات

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪوئيٽا جو دورو ڪري مچ سانحي جي متاثرن سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف مچ سانحي جي متاثر خاندانن سان وقت گذاريو ۽ چيو ته شهيدن جو رت ضايع نه ويندو، ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف کي سدرن ڪمانڊر هيڊ ڪوارٽرز ۾ سيڪيورٽي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته کيس بلوچستان ۾ سيڪيورٽي چئلينجن بابت به آگاهه ڪيو ويو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب آرمي چيف کي پاڪ – افغان، پاڪ – ايران بارڊر مئنيجمينٽ جي معاملن تي به بريف ڪيو ويو.

ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه گيريزن آفيسرن سان خطاب ڪيو ۽ امن، استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ تيارين ۽ ڪوششن جي تعريف ڪئي.

هن چيو ته اهم صورتحال سبب بلوچستان تي دشمنن جي ڪرڙي نظر آهي، بلوچستان پاڪستان جو مستقبل آهي ۽ بلوچستان جي خوشحالي پاڪستان جي ترقي آهي.

سندس چوڻ هو ته بلوچستان جي سيڪيورٽي، استحڪام ۽ خوشحالي کي يقيني بڻايو ويندو، دشمن قوتن کي تخريبي ڪوششن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.