ايڊيشنل سيشن ڪورٽ کپرو جي حڪم تي کاهي پوليس پاران ڳوٺ عيسيٰ مري ۾ زميندار ترڪو مري جي زمين تي مبينا ڇاپو هڻي ناحق باندي بڻايل ڪولهي برادري جي مردن، عورتن ۽ ٻارن سميت 12هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، هارين جي بازيابي لاءِ شريمتي ورجو ڪولهي ڪورٽ سڳوري ۾ درخواست ڏني هئي، بازياب هارين ۾ شريمتي تلچي ،شريمتي جاجو، لال چند ۽ ٻيا شامل آهن ، هارين موجب زميندار انهن کان جبري پورهيو ڪرائيندو هو ،جڏهن ته زميندار موجب هن هارين کان ڪو جبري پورهيو نه پئي ورتو نه ۽ وري هن وٽ ڪو خانگي جيل آهي،ٻئي پاسي ايس ايڇ او کاهي زاهد حسين بروهي موجب بازياب هارين کي سڀاڻي واسطيدار ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو