ميرپورماٿيلو: کنڊ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي، هڪ هزار ٻوريون هٿ، دڪان سِيل

ڊي سي گھوٽڪي پاران کنڊ جي وڌندڙ قيمت کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ذخيرا اندوزن ۽ منافعي خورن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو ،  عوامي آواز ميرپورماٿيلو جي عيوضي پاران ٻه ڏينھن اڳ کنڊ جي غيرقانوني ذخيرہ اندوزي جي نشاندهي تي  اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورماٿيلو شھريار خان ميرپورماٿيلو جي سنڌو گرين سٽي مارڪيٽ جي دڪان نمبر 136 تي ڇاپو ھڻي ھڪ ھزار جي لڳ ڀڳ کنڊ جون ذخيرو ڪيل ٻوريون ھٿ ڪري ورتيون، اسسٽنٽ ڪمشنر ڄاڻايل دڪان کي سيل ڪندي واپاري اوم پرڪاش کي گرفتار ڪرائي ورتو ،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.