وزير اعظم جي ترجمان نديم افضل چن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جي ترجمان نديم افضل چن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب وزير اعظم جو ترجمان ۽ خاص مددگار نديم افضل چن عهدي تان مستعفيٰ ٿي ويو آهي. نديم افضل چن پنهنجي استعيفيٰ وزر اعظم ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. نديم افضل چن وٽ پارلياماني رابطن بابت خاص مددگار وارو عهدو به هو.

ياد رهي ته وزير اعظم گزريل ڏينهن چيو هو ته جيڪو به حڪومتي پاليسين کي نٿو مڃي اهو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.